حيدرآباد ۾ عورتون ۽ ٻار به ثقافتي ويس پائي نڪري آيا

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ نڪتل ريلين ۾ اڪثر نوجوان شريڪ هئا، عورتون ۽ ٻارڙا به ثقافتي ويس وڳا پائي پنهنجن گهرڀاتين سان  گڏ روڊن رستن تي گهمندا نظر آيا، نوجوان قومپرست سياسي ڪارڪن ۽ شاگرد اڳواڻ مختلف هنڌن تي تقريرون به ڪندا رهيا، جيڪي ثقافت، سياست، قومي حقن، وسيلن، ميرٽ جي بحالي، ڪرپشن ۽ ٻين اهم مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا هئا، نوجوانن جو چوڻ هو ته ثقافتي عيد جي سڏ تي سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ثقافت تي ناز ڪندي نظر اچن پيا، اڄ سڄي سنڌ ۾ جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن، سهڻو لطيف منهنجو پيارو لطيف، نٿو جو سنڌ لاءِ لڙي نٿو جو سنڌ لاءِ ڪڙهي، سو سنڌ مان لڏي وڃي، سهڻا ماڻهو ٻيا به هزار سنڌي ماڻهو پڌرا لکن ۾، سميت ٻين قومي گيتن تي رقص ڪندا نعرا هڻندا نظر آيا ريلين ۾ شامل نوجوانن جو چوڻ هو ته سموري سنڌ ثقافتي رنگن سان رنگجي وئي آهي، سنڌ شاهه، سچل سامي ۽ صوفي شاهه عنايت شهيد جي ڌرتي آهي، سنڌ سسئي، مارئي، سهڻي جو وطن آهي، سنڌ مائي ڪلاچي جي ماڳ جي مورڙي ميربحر جو تاريخي وطن آهي، سنڌ جا تاريخي ماڳ مڪان اڄ به سنڌين جي شاهوڪار  تاريخ تهذيب تمدن ثقافت ۽ ٻولي جا اهڃاڻ آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.