گهوٽڪي ۾ ثقافتي ريليون، قومي فنڪارن جهومائي ڇڏيو

گهوٽڪي(رپورٽ: عرفان علي سومرو) پوري سنڌ جيان گهوٽڪي واسين به ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني سان  ملهايو، گهوٽڪي جي مختلف  سياسي، سماجي ۽ قوم پرست تنظيمن پاران ثقافتي ريليون ڪڍيون ويون ، ان موقعي تي گهوٽڪي پريس ڪلب ٻاهران مک ثقافتي تقريب ٿي گذري، جنهن ۾ جسقم جي نصرالله ڪلادي، حبيب الله گهوٽو، ڪامريڊ اڪرم ٿهيم، استاد محبوب گهوٽو، ايس ٽي پي جي خالد لاکو، سنڌي ادبي سنگت جي اياز لطيف دايو، رئوف پارس دايو سوين ڪارڪنن سان ڌار ڌار ريليون ڪڍي، پريس ڪلب ٻاهران مک تقريب ۾ شريڪ ٿيا، ان موقعي تي ثقافتي پروگرام ۾ ڪامريڊ سيد جمال شاھ، ٻالڪ ادبي فورم جي عبدالحئي ڀٽو ، رئيس اڪبر دايو، شهري اتحاد جي آغا نادر پٺاڻ، ميان نثار خواجا، سيف عباسي، صحافي  نياز احمد چنه، آزاد مهر، يونس ڀٽو، مشتاق شاهي لغاري، الهورايو بوزدار ظفر صديقي ،اعجاز علي شيخ ۽  ٻين پڻ شرڪت ڪئي، قومي فنڪارن توفيق عباس، لال بخش ٽگڙ قومي گيت گائي بيٺلن کي جهومائي ڇڏيو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.