ڪراچي ( م ڊ ) ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي يو ايس قونصليٽ جي ترجمان هيٿر مرفي سنڌي لباس پهري ورتو. آمريڪي قونصليٽ جي ترجمان هيٿر مرفي سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام ڏيندي چيو ته اڄوڪي ان موقعي تي سڄي سنڌ واسين کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿي. هيٿر مرفي چيو ته سنڌ اوليائن، صوفين، موسيقارن ۽ درويشن جي ڌرتي آهي، سنڌي ثقافت هن خطي ۾ هر قسم جي رواداري جو مظاهرو ڪري ٿي.