سنڌ صدين کان گهڻ لساني، گهڻ مذهبي وحدت رهي آهي: مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءَ ۽ پارلياماني معاملن واري  نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سنڌ ڪلچر ڊي جي موقعي تي پاڪستان خاص ڪري سنڌ جي عوام کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته سنڌ صدين کان گهڻ لساني، گهڻ مذهبي ۽ گهڻ نسلي وحدت رهي آهي، سنڌ هڪ اهڙو خطو آهي، جنهن دنيا جي مختلف خطن مان آيل مختلف مذهبن ۽ نسلن جي ماڻهن کي گڏ ڪيو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا ست سر عورتن جي نالي تي آهن، سنڌ جي شاعرن سنڌي عورتن جي ڪردار کي اجاگر ڪيو، اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس ۾ سنڌي عورتن جي تنظيم ”سورميو“ جي انتظام هيٺ سنڌ ڪلچرل ڊي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، تقريب ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي به موجود هو، مرتضيٰ سولنگي چيو ته سنڌ ڪلچرل ڊي سنڌي عورتن جي تنظيم سورميو جي ان تقريب سان ڳنڍجي ويو آهي، سورميو کي ٺهي رڳو ٻه سال ٿيا آهن ۽ جهڙي طرح هن تنظيم پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري  آهي، پاڪستان جي ٻين عورتن لاءِ هڪ مثال آهي، مرتضيٰ سولنگي چيو ته سنڌ جي ثقافت اندر عاجزي ۽ لچڪ فولاد وانگر موجود آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.