حڪومت عمران خان جي اسپتال منتقلي بابت عدالتي حڪم مڃيو، کوٽ هئي يا نه فيصلو عدالت ڪندي: راڻا ثناءُ الله

عمران خان بابت عدالت جي فيصلي تي عمل ٿيو، 16 سيپٽمبر تي عدالت جيڪو فيصلو ڪندي ان تي عمل ڪنداسين: راڻا ثناءُ الله
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان بابت عدالت جي فيصلي تي عمل ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري 16 سيپٽمبر تي عدالت جيڪو فيصلو ڪندي، ان تي عمل ڪنداسين.
سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته حڪومت ۽ سپريم ڪورٽ سميت عدالتون به آئين جي تابع آهن، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد بابت پي ٽي آءِ جي سينيٽر علي ظفر موقف اختيار ڪيو، پر علي ظفر کي به عدالت نه بڻجڻ گهرجي.
هن چيو ته عمران خان کي شفا اسپتال آندو ويو، پر اتي سڪيورٽي جا معاملا هئا ۽ امن امان جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، جنهن سبب آخري لمحي ۾ پروگرام تبديل ڪري کيس سرڪاري اسپتال نيو ويو.
راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ اهو به چيو هو ته سڪيورٽي بابت انتظاميا فيصلو ڪري، اسان ۽ انتظاميا ثبوت پيش ڪنداسين ته شفا اسپتال ٻاهران اهڙيون حالتون هيون، جڏهن ته اوهان انهن جي ترديد ڪريو، امن امان جي صورتحال پيدا نه ٿئي، ان لاءِ معاملو حل ڪيو ويو.
هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني جو قابل ڊاڪٽرن کان معائنو ڪرايو ويو ۽ کيس صحتمند قرار ڏنو ويو.
سندس چوڻ هو ته اسان جو موقف آهي ته عدالت جي فيصلي تي عمل ٿيو آهي، عدالت فيصلو ڪندي ته ڪا کوٽ رهجي وئي يا فيصلي تي عمل ٿيو، 16 سيپٽمبر تي عدالت جيڪو فيصلو ڪندي، ان تي عمل ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته عدالت چيو هو ته پي ٽي آءِ بانيءَ جي صحت ۽ ملاقاتن بابت ڪا به ڳالهه ميڊيا تي نه ڪئي ويندي، پر اوهان عمران خان جي صحت بابت پريس ڪانفرنس ڪئي، اوهان خاموشي سان خيبر پختونخوا جي وڏي وزير کي ٻڌائي ڇڏيو ته پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته ڀڃ ڊاهه ۽ گهيراءَ جو سلسلو جاري رکو.

You might also like