گووندا کي زال جو وڏو جھٽڪو، مڙس کي ان فالو ڪري گرل فرينڊ جا به کولي ڇڏيائين

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار گووندا جي ناراض گهرواري سنينا آهوجا پنهنجي مڙس کي انسٽاگرام تي ان فالو ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، اها اڳڀرائي گووندا جي نئين اداڪارا ڪومل راني سوارنڪر سان مبينا لاڳاپن جي افواهن دوران سامهون آئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، هاڻي ٻنهي زال مڙس هڪ ٻئي کي سوشل ميڊيا تي فالو نٿا ڪن ۽ ٻنهي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ فوري طور ختم ٿيندي نظر نه پئي اچي، جيتوڻيڪ سنينا اڳ ئي طلاق وارو ڪيس واپس وٺي چڪي هئي.
ان کان اڳ جڏهن ٻنهي هڪ ٻئي خلاف کليل نموني بيان ڏنا هئا ته سنينا طرفان طلاق جو ڪيس واپس وٺڻ کانپوءِ ماڻهن کي لڳو هو ته شايد ٻنهي جا اختلاف ختم ٿي ويا آهن.
ان ڏس ۾ سنينا دعويٰ ڪئي ته هن ڪيس ان ڪري واپس ورتو، ڇاڪاڻ ته گووندا پنهنجي مبينا گرل فرينڊ ڪومل راني سوارنڪر سان شادي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.
هاڻي سوشل ميڊيا تي سامهون آيل هن نئين اڳڀرائي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.
سنينا آهوجا ويجهڙ ۾ ئي گووندا ۽ سندس مبينا گرل فرينڊ ڪومل راني سوارنڪر بابت نيون دعوائون به ڪيون هيون.
جيتوڻيڪ هن وقت سنينا ۽ گووندا هڪ ٻئي کي سوشل ميڊيا تي فالو نٿا ڪن، پر ڀارتي ميڊيا تصديق ڪئي آهي ته ماضيءَ ۾ ٻئي هڪ ٻئي کي فالو ڪندا هئا.
گووندا جي مئنيجر سنينا آهوجا جي ٻي شادي بابت دعويٰ کي رد ڪندي چيو ته اهڙو ڪجهه ناهي ۽ نه ئي ائين ٿيندو.
سنينا آهوجا دعويٰ ڪئي ته ڪجهه هوٽلن مان کيس فون پڻ آيا هئا، انهن دعوائن کانپوءِ گووندا ۽ ڪومل راني سوارنڪر جي مبينا لاڳاپن بابت وڌيڪ اڳڪٿيون شروع ٿي ويون آهن.

You might also like