اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير محسن نقوي ايران جي دوري دوران اهم اڳڀرائي جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته سندس ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي ايران جي صدر مسعود پزشڪيان سان ملاقات انتهائي هاڪاري ۽ نتيجا ڏيندڙ رهي.
وفاقي وزير پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ”اسان جي ڳالهين جو محور ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تڪرار، وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۽ مستقبل جي حڪمت عملي هو، ان کانسواءِ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) جي بحالي لاءِ ٻنهي ڌرين طرفان گهربل قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جيڪي تڪرار جي گڏيل حل ڏانهن اڳڀرائي جو سبب بڻجي سگهن ٿا.“
محسن نقوي جو چوڻ آهي ته ايراني صدر پنهنجي حڪومت جو موقف ۽ خدشا کليل نموني اسان آڏو رکيا، جڏهن ته لاڳاپيل معاملن تي اسان وچ ۾ تعميري ۽ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي.
هن چيو ته ملاقات دوران اهم اڳڀرائي ٿي ۽ انتهائي هاڪاري ماحول ۾ ڳالهين جي پڄاڻي ٿي.
هن اميد ظاهر ڪئي ته اها اڳڀرائي مستقبل ۾ وڌيڪ هاڪاري قدمن لاءِ راهه هموار ڪندي ۽ خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.
ان کان اڳ ايراني ميڊيا ايراني صدر ۽ چيف فيلڊ مارشل عاصم منير جي ملاقات جو حوالو ڏيندي چيو هو ته مسعود پزشڪيان آمريڪي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته هو ايران بابت پنهنجو ”لهجو ۽ طور طريقو “ تبديل ڪري ۽ چيو آهي ته دٻاءُ، زبردستي ۽ ڌمڪي واري پاليسين سان معاملن جي حل بدران پيچيدگيون وڌنديون.
ايراني ميڊيا موجب، صدر پزشڪيان چيو ته واشنگٽن کي قانون جي حڪمراني، عالمي اصولن ۽ اسلام آباد ۾ طئي ٿيل مفاهمتي يادداشت تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن.
سندس چوڻ هو ته ايران سان معاملن ۾ هاڪاري اڳڀرائي لاءِ آمريڪا کي پنهنجي روئي ۾ تبديلي آڻڻي پوندي.
ايران-آمريڪا تڪرار جي حل لاءِ اهم اڳڀرائي، محسن نقوي فيلڊ مارشل جي دوري جا تفصيل ٻڌائي ڇڏيا
You might also like