ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي نگران صوبائي حڪومت پاران سنڌ جي قيمتي 52 هزار ايڪڙ زمين قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي ڪمپني کي ليز تي ڏيڻ جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي موجوده حڪومت کي سنڌ جون قيمتي زمينون ڀڳڙن مُٺ عيوض ليز تي ڏيڻ جو ڪوبه حق ڪونه آهي، نگران حڪومت جو ڪم صرف بروقت صاف، شفاف چونڊون ڪرائي اقتدار چونڊيل نمائندن حوالي ڪرڻ آهي، اهو فيصلو عوام دشمن ۽ سنڌ دشمن فيصلو آهي، سنڌ جي زرعي زمينن تي سڀ کان اول حق هتان جي هارين جو آهي، 52713 ايڪڙ زمين ليز تي ڏيڻ جي منظوري سنڌ جي عوام سان سراسر بي واجبي ۽ هتان جي هارين سان ظلم آهي، حڪومت ادارن کي زمينون الاٽ ڪري رهي آهي، پر صدين کان هارپو ڪندڙ هاري اڄ به بُک ۽ بدحالي واري حياتي گذارڻ تي مجبور آهن، هن وقت جڏهن سنڌ ۾ پهرين ئي وفاق ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف سندن استحصالي ايجنڊي جي ڪري ڪاوڙ موجود آهي تڏهن اهڙي قسم جا غيردانشمندانه فيصلن جي ڪري وڌيڪ ناراضگي جو خدشو آهي، جماعت اسلامي سنڌ اهڙي سنڌ دشمن فيصلن جي سخت مذمت ڪري ٿي سنڌ جي نگران سرڪار ان فيصلي کي واپس وٺي عوام ۾ موجود ڪاوڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري،