سماجي تبديلي ۾ رياست کي به پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي:ساڃاهه وند

ڪراچي(رپورٽر)  آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان پاران جاري سورھين عالمي اردو ڪانفرنس جي چوٿين ۽ آخري ڏينھن بدلجندڙ سماج جي موضوع تي سيشن منعقد ڪيو ويو، ھن سيشن جي ميزباني سيد جعفر  احمد ڪئي ، سيشن ۾ نورالھديٰ شاھ ، غازي صلاح الدين ، نصير ميمڻ ۽ حارث خليق بدلجندڙ سماج جي حوالي سان گفتگو ڪئي، نصير ميمڻ چيو ته سماج ته بدلجي ٿو پر پاڪستان ھڪ سماج ناھي بلڪه ھن جا ڪيئي تھه آھن ، اسان وٽ الميو اھو آھي جو ماڻھو منفي تبديلين کي پنھنجي مٿان حاوي ڪندا آھن ان ڪري ماڻھن کي صرف منفي شيون نظر اينديون آھن، حقيقت ۾ اسان جي معاشري ۾ مثبت تبديلي آھستي آھستي اچي پئي ، جيڪڏھن مان اڄ کان ٽيھ سال پراڻي ڳالھ ڪريان ته اسان جي اسڪولن ۾ ڇوڪرين جو انگ ايڏو نه ھوندو ھئو جيترو اڄ آھي ، اسان جي معاشري ۾ مٿين سطح جا ادارا اھڙين تبديلين کان خوفزده آھن ان ڪري ھو معاشري ۾ منفي سوچ وڌائي مثبت تبديلين کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن، ٿرپارڪر جي باري ۾ چيو ويندو آھي ته ھي ھڪ پٺ تي ڌڪيل علائقو آھي مون اٿي ڇوڪرين کي مائننگ ۾ ٽرڪ ھلائيندي ڏٺو، حارث خليق ڳالھائيندي چيو ته پاڪستان ۾ جيترا به اسڪول ڪاليج ۽ يونيورسٽيون آھن انھن ۾ ڇوڪرين جو انگ وڌيڪ آھي ، پر بدقسمتي سان ان ۾ اسان جي رياست جو ڪوبه ڪردار ناھي ، سماجي تبديلي ۾ رياست کي به پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي نورالھديٰ شاھ چيو ته رياست ۽ سياست جي ٽڪراءُ ۾ صرف ھڪ شيء پيسبي آھي اھو اسان جو سماج آھي، جيڪڏھن سماج پيسجڻ شروع ٿيندو آھي سماج ۾ مختلف مسئلا شروع ٿي ويندا آھن، اتان کان اديب جو ڪم شروع ٿيندو سھي، اديب پنھنجي جمالياتي سوچ سبب سماج کي بچائيندو آھي ، سنڌي اديبن جو ھي نظريو آھي ته  ڪنھن به  ٻوليءَ کي زنده رکڻ اديب جو ڪمال آھي غازي صلاح الدين پنھنجن خيالن جو اظھار ڪندي چيو ته ماڻھن جي ذھنن تائين پھچڻ ۽ سماجي تبديلي ۾ ادب جو ڪردار اھم ھوندو آھي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.