سياسي جماعتون پراڻا قصا ڇڏي معاشي منشور پيش ڪن

ملڪ ۾ اليڪشن دوران دستور تھ اھو آھي تھ سياسي پارٽيون مختلف مسئلن جي حوالي سان پنهنجا منشور پيش ڪنديون آهن ته جيئن ووٽرن کي خبر پوي ته اها پارٽي يا اڳواڻ چونڊجڻ جي صورت ۾ انهن مسئلن کي ڪئين  حل ڪندا.

وري جيڪڏھن ملڪ جي حالتن ڏانھن نظر ڪجي تھ  ملڪي معيشت موجوده مالي بي ضابطگين، سياسي نظام سان ٿيل ويساھ گھاتين ، پارٽين جي بي ترتيبي ۽ اقتدار جي لالچ جي ڪري ملڪ ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. مختصر لفظن ۾ خزانو خالي آهي، آمدني جا ذريعا نظر نٿا اچن. حڪومتي خرچن کي پورو ڪرڻ لاءِ عالمي ادارن يا دوست ملڪن کان قرض وٺڻ کانسواءِ ڪا بھ حڪومت ڪو بھ ڪم نٿي ڪري سگهي. ان صورتحال ۾ غيرمعمولي مهانگائي  برداشت جي حد کان وڌي رهي آهي ۽ ڪاروبار رڪيل  ملڪ جو معاشي چرخو ھلي نھ سگھڻ  سبب روزگار جا موقعا گهٽجي ويا آهن. يعني پاڪستان هڪ اهڙي معيشت آهي، جيڪا پنهنجا خرچ بھ برداشت ڪري نٿي سگهي، وري ٻئي پاسي آبادي ۾اضافو جاري آھي. جنھن ڪري هر سال لکين نوجوان بيروزگار آھن.

رياست وٽ ڪي اھڙا وسيلا نه آهن ته هو تعليم يا روزگار ڏئي ان نوجوانن جي صلاحيتن مان ڪو وڏو فائدو حاصل ڪري سگھي.اهڙي صورتحال ۾ سياسي پارٽين کي تھ انهن مسئلن جي حل لاءِ هڪ اهڙي ٺوس حڪمت عمليءَ جي ضرورت پوندي، جيڪا اتفاق راءِ سان اختيار ڪري سگهجي.پر شايد ھن طرف ڪو ڌيان ڌرڻ جي لاءِ تيار ئي نھ آھي.  ايندڙ چونڊن بعد مسلم ليگ (ن) حڪومت ٺاهي يا وري تحريڪ انصاف يا پيپلز پارٽيءَ اقتدار تي ويھي.. قومي وسيلن کي  ڪئين وڌايو وڃي، پرڏيهي قرضن کي ڪئين گهٽايو وڃي ۽ پيداوار وڌائي نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا ڪيئن پيدا ڪيا وڃن.ان جو جواب پيش ڪرڻ لاءِ ڪو بھ تيار نھ آھي. هن صورتحال ۾ سچ اهو آهي ته اليڪشن جي نتيجي ۾ جيڪا به پارٽي ڪامياب ٿيندي ان لاءِ وڏا چيلينج آھن.ھر ڌر اقتدار حاصل ڪرڻ چاھي ٿي پر ملڪ جي اصل مسئلي معشيت کي بھتر ڪرڻ جي لاءِ ڪا بھ رٿابندي ڪرڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.

ان ڪري ملڪ جي سياسي بحث ۾ جماعتون ڪنھن بھ عوامي مقصد واري ڳالھھ يا وري منشور جو ذڪر ڪرڻ بدران  ھڪ ٻئي تي ذاتي نوعيت جي بحث کي موضوع بڻائين ٿيون. انھن جماعتن جي اھڙين ڳالھين کان  ملڪ جي سنجيدھ اڪثريت بيزار نظر اچي رھي آھي. سڀ کان اهم سياسي چئلينج معاشي استحڪام پيدا ڪرڻ جو سوال آهي، پر سياسي اڳواڻن  وٽ قصا ٻڌائڻ کانسواءِ مسئلي جو ڪو به حقيقي حل ناهي.

  • جنگبندي ختم ٿيڻ سان  اسرائيل غزا ۾ رڻ ٻاري ڏنو

وچ اوڀر ۾ اسرائيل ھڪ ڀيرو ٻيھر رڻ ٻاري ڏنو آھي.جنھن ڪري اتي وڏن سان گڏ ٻارن جي شھادت پڻ دنيا کي ڳڻتي ۾ وجھي ڇڏيو آھي.ان سلسلي ۾ مسلمان ملڪن تاحال ڪو بھ حل جوڳو پلان پيش نھ ڪري سگھيا آھن.غزا  ۾ جنگبندي ختم ٿيڻ بعد وري اسرائيل وحشياڻي ڪارروائي ڪندي 700 کان  وڌيڪ فلسطيني شھرين کي شھيد ڪري ڇڏيو آھي.ان وچ ۾ سوين شھري زخمي ٿي پيا آھن.

فلسطيني مزاحمتي گروپ حماس سان عارضي جنگبندي جو معاهدو ختم ٿيڻ کان پوءِ غزا  ۽ ٻين قابض علائقن تي اسرائيل طرفان بدترين شيلنگ جاري آهي.اسرائيل غزا  جي ڳتيل آباد ي واري ڏاکڻي علائقن تي حملا ڪري رهيو آهي، جتي فلسطينين جي اڪثريت اتر غزا مان جبري بي دخلي بعد اچي پناهه ورتي آهي، اسرائيلي فورسز رهائشي عمارتن کي بھ نشانو بڻائي رهي آهي.

اسرائيلي فورسز  پاران خان يونس  ۾ به ڇاپامار ڪارروائي جاري آهي ۽ تازي ڪارروائي ۾  فورسز هڪ گهر تي چڙهائي ڪري 7 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو.خان يونس ۾ قطري تعاون سان تعمير ٿيل“ حمد سٽي“ جي تباهي جا خوفناڪ منظر ڏسڻ ۾ آيا آھن ۽ لائيو ڪوريج دوران ترڪ ٽي وي جي صحافي ربا خالد پنهنجي گهر جي تباهي ڏسي لڙڪ لاڙيندي رھي.اسرائيلي فورسز مسجد اقصيٰ جي شيخ عڪرمه جي گهر تي به چڙهائي ڪئي، شيخ عڪرمه صابري والاريل بيت المقدس ۾ سپريم اسلامڪ ڪائونسل جو سربراهه ۽ فلسطيني عالمن ۽ مبلغين جي انجمن جو باني ۽ صدر آهي.حماس جو چوڻ آهي ته غزا  ۾ اسرائيلي فوجين جي هڪ گڏجاڻي کي نشانو بڻايو ويو آهي، تنظيم اھڙيون وڊيوز به جاري ڪري ڇڏيون آهن.

صحت جي عالمي اداري جي سربراهه ٽيڊروس ايڊهانوم، غزا  جي اسپتالن جي صورتحال کي ’ناقابل تصور‘ قرار ڏيندي چيو آهي ته ڏکڻ غزا  ۾ نصر اسپتال جي حالت خراب کان وڌيڪ خراب آهي، اسپتال ۾ مريضن  جو تعداد گنجائش کان ٽيڻ تي وڌيڪ آهي.علاج پٽ تي سمھاري ڪيو پيو وڃي. آپريشن ٿي رهياآهن ۽ مريض درد جي ڪري رڙيون ڪري رهيا آهن.عرب ميڊيا موجب غزا  ۾ اسرائيلي جارحيت هزارين ٻارن جو ننڍپڻ کسي ورتو آهي، غزا  جي پٽي تي اسرائيلي بمباري سبب ڪجهه ٻار پنهنجي والدين کان ۽ ڪجهه والدين پنهنجي ٻارن کان وڇڙي ويا آهن.

غزا  ۾ اسرائيلي بمباري کانپوءِ ملبي مان ڪڍيل زخمي ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي وڊيو به سامهون آئي آهي، جنهن ۾ زخمي ڀيڻ بار بار پنهنجي زخمي ڀاءُ کان سندس گهر وارن جي خيريت پڇي رهي آهي. غزا  ۾ سرڪاري ميڊيا آفيس جي ڊائريڪٽر جنرل چيو آھي ته 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي حملن ۾ 700 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن.غزا  جي سرڪاري خابرو اداري موجب اسرائيلي بمباري سبب غزا  جي پٽي ۾ 15 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، جڏهن ته عرب ميڊيا رپورٽن موجب 7 آڪٽوبر کان وٺي شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 16 هزار کان وڌي ويو آهي. اھا حيرت جي ڳالھھ آھي تھ سموري دنيا کي جمھوريت ۽ مھذپڻي جو درس ڏيندڙ آمريڪا ۽ يورپ ھھڙي ظلم تي چپ سبي ويھي رھيا آھن ۽ گڏيل قومون ھن دور ۾ بھ ھي ھڪ طرفي ڪاھ روڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي رھي آھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.