غير قانوني پرڏيهين جي واپسي جو پلان

تحرير: جي ايم کوکر

ملڪ جي معاشي طور تي چيلهه چٻي ڪندڙغير قانوني پرڏيهين جي واپسي تي ”دير آيو درست آيو “جي بنياد تي جيڪو وڏي سرڪار ڪلين آپريشن جو آغاز شروع ڪيو آهي ان مان شروعاتي طور تي نتيجا ملڪ مفاد ۽ معاشي صورتحال تي بهتر نظر آيا آهن ۽ آسمان تي اڏندڙ ڊالر جا ڪنهن حد تائين پر ڪٽجي ويا آهن جنهن سان ڊالر جو قدر ۽ ملڪ مٿان پوندڙ مهنگائي جو پريشر گهٽجي ويو ۽ ماڻهن ٿورو سک جو ساهه کنيو  اصل ۾اهو ڪم ته جمهوريت جي پوئلڳن جا هيا جن حڪومتن ۾ رهي ڪري به ڪجهه نه ڪيو ۽ افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته غير قانوني رهندڙن جي واپسي جو ڪڏهن انهن سوچيو ئي ڪو نه هو اتي اهو ذڪر ڪرڻ به ضروري سمجهان ٿو ته جڏهن غيرقانوني پرڏيهين جي واپسي جو مرحلو شروع ٿيو ان وقت ملڪ جي سمورن سياسي ، مذهبي ۽ قوم پرست پارٽيِن جي اڳواڻن پاران پنهنجا پنهنجا موقف قوم آڏو رکيا جنهن ۾ پيپلزپارٽي جو موقف بلڪل الڳ هو جيڪا غيرقانوني پرڏيهين جي واپسي جي مخالف ڪئي هئي ۽ ان  معامري کي پ پ جي اڳواڻ فرحت الله بابر عدالت ۾ کڻي آيو ته غير قانوني رهندڙن غيرملڪين کي واپس وڃڻ کان روڪيو وڃي، اهو ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ لاءِ  هڪ وڏي حيران ڪندڙ مطالبو هو ته هڪ وڏي پارٽي جو اهڙو رويو ڪئين سامهون آيو جنهن سان پ پ پ  جو لڪيل چهرو به سامهون اچي ويو ۽ ان چواڻي موجب ته ”بغل ۾ ڇري منهن ۾ رام رام“ جيان پ پ پ جي  اها پاليسي سنڏين لاءِ  هڪ تڪليف ڏيندڙ ڳالهه هئي جيڪا سنڌ لاءِ  هڪ سبق طور تي سامهون آهي .

غيرقانوني پرڏيهين جي واپسي واري معامري تي سنڌ حڪومت هڪ وڏو ڪم ڪيو آهي جيڪو هڪ ساراهه جوڳو عمل آهي اهو عمل اهو آهي ته نگران سنڌ سرڪار غير ملڪين کي سنڌ مان تڙڻ لاءِ  به ڪو زور ۽ زبردستي وارو آپريشن نه پر هڪ معزز ميزبان جيان مهمانن جي عزت سان الوداع ڪرڻ وارو پلان جوڙيو آهي ۽ اهو پلان غيرقانوني پرڏيهين جي لاءِ  ”فري پيڪج آهي“ جنهن جا سمورا خرچ سنڌ سرڪار پاڻ برداشت ڪندي ان لاءِ  سنڌ سرڪار طرفان 7 نومبر 2023 تي سنڌ ڪابينا جي اجلاس مان غير ملڪين جي سنڌ مان واپسي لاءِ  4 ارب 57 ڪروڙ 69 لک 43 هزار روپيا منظور ڪيا آهن اهي پيسا غيرملڪين جي واپسي تي خرچ ڪيا ويندا غير قانوني رهندڙ کي پڪڙي هڪ ٽينٽ سٽي قائم ڪئي ويندي جتي انهن کي گڏ ڪيو ويندو ۽ انهن جي کاڌ خوراڪ سميت ٻيا خرچ سنڌ حڪومت برداشت ڪندي جتان ٽولن جي صورت ۾ غيرملڪين کي ڪراچي کان بارڊر تائين پهچايو ويندو ان لاءِ  سنڌ حڪومت وفاق کي هڪ خط لکيو آهي جنهن ۾ غير قانوني رهندڙ ماڻهن جي واپسي لاءِ  سستي ريل گاڏي جو بندوبست ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

غير قانوني طور تي رهندڙن جي نيڪالي لاءِ  سنڌ حڪومت طرفان 10 نومبر 2023 تي سمورن ڪمشنرن کي خط لکيو ويو جنهن ۾ غير قانوني پرڏيهين جي واپسي جو پلان بابت آگاهه ڪيو ويو اهڙي طرح 14 نومبر 2023 تي سروس جنرل ايڊمنسٽريٽيو کاتي جي سيڪريٽري محمد علي کوسو پاران 4 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي جنهن ۾ ڪميٽي جو چئرمين طور تي پاڻ کي مقرر ڪيو جڏهن ته ٻين ميمبرن طور تي سمورن ڊويزنل ڪمشنرن ،ايڊيشنل سيڪريٽري ناڻو ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري گهرو کاتي کي شامل ڪيو ويو آهي قائم اعلي سطح ڪميٽي جو ڪم غير قانوني پرڏيهين جي واپسي جي نگراني ڪرڻ هوندو ۽ خرچن کي شفاف بڻائڻ هوندو، اهڙي طرح ضلعي سطح تي 15 نومبر 2023 تي 29 ضلعن ۾ سب ڪميٽيون قائم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي ضلعي سطح تي قائم سب ڪميٽي جو سربراهه ڪمشنر هوندو اهڙي طرح ضلعي سطح تي ڪميٽي جي نگراني ڊپٽي ڪمشنر ڪندو ۽ سموري ضلعن جا اي سي ون ميمبر طور تي شامل هوندا جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر چاهي ته سب ڪميٽي ۾ پوليس يا سيول سوسائٽي مان ڪنهن به فرد کي ميمبر طور شامل ڪري سگهي ٿو.

سب ڪميٽين جو ڪم به غير قانوني رهندڙ پرڏيهين جي واپسي کي يقيني بڻائڻ آهي ۽ ڪميٽي کي اهو به اختيار حاصل هوندو ته اها خرچن جي واڌ بابت گهربل خرچ جو مطالبو ڪري سگهي ٿي جڏهن ته ڪميٽي غير ملڪين جي نشاندهي ڪري انهن کي گرفتار ڪري انهن جي واپسي جا انتظام ڪرڻ آهي

غير قانوني پرڏيهين جي واپسي يقيني بڻائڻ لاءِ  نگران سنڌ سرڪار 6 نومبر 2023 تي مختص ڪيل 4 ارب 57 ڪروڙ روپين مان في الحال 35 ڪروڙ 83 لک 80 روپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن  اهي پيسا 29 ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي ڏنا ويا آهن جيڪي ڊپٽي ڪمشنر قائم سب ڪميٽي جي سفارشن تحت غير قانوني پرڏيهين جي واپسي تي خرچ ڪندا، جاري فنڊ مان وڏو حصو بلوچستان کي ڪراچي سان جوڙيندڙ ضلعي ڪياماڙي کي 65 ڪروڙ روپيا ڏنا ويا آهن جنهن مان ظاهر ٿو ٿئي ته ضلعي ڪياماڙي جي علائقي ۾ غير قانوني پرڏيهين جي موجودگي ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي اهڙي طرح 40 ڪروڙ روپيا ڪراچي جي ٻئي ضلعي اولهه کي ڏنا ويا آهن ٽئين نمبر تي 30 ڪروڙ روپيا ضلعي اوڀر کي ڏنا ويا آهن، چوٿين نمبر تي جيڪب آباد ضلعي کي 17 ڪروڙ 20 لک جاري ڪيا ويا آهن اهڙي طرح، ڪراچي سينٽرل کي ڏهه لک، سائوٿ کي 20 لک، ملير کي 30 لک ،ڪورنگي کي 30 لک، ڄام شورو کي 10 لک 50 هزار، بدين کي 19 لک،مٽياري کي 2 لک 20 هزار، ٺٽو کي 7 لک 20 هزار، ٽنڊوالهيار کي 2 لک 50 هزار، دادو کي 3 لک 30 هزار، شهيد بينظير آباد کي 55 لک، نئوشهروفيروز کي 43 لک 30 هزار سانگهڙ کي 88 لک 40 هزار، ميرپورخاص کي 8 لک 20 هزار، عمر ڪوٽ کي 13 لک 80 هزار، ٿرپارڪر کي 10 لک،سکر کي 23 لک 40 هزار، گهوٽڪي کي 25 لک 40 هزار، خيرپور ميرس کي 26 لک 30 هزار، لاڙڪاڻو کي 16 لک 10 هزار، شڪارپور کي 20 لک 40 هزار، قمبر شهدادڪوٽ کي 18 لک ۽ ڪشمور کي 22 لک 90 هزار روپيا جاري ڪيا ويا آهن جاري ڪيل پيسا ڊپٽي ڪمشنر جي هيڊ آف اڪائونٽس ۾ منتقل ٿي ويا آهن

غير قانوني پرڏيهين جي واپسي جي آخري مرحلي لاءِ  جيتوڻيڪ نگران سنڌ حڪومت پنهنجو قومي فرض پورو ڪري ڇڏيو آهي هاڻي اها ذميواري قائم ٿيل اعلي سطح ڪميٽي ۽ ضلعي سطح تي قائم سب ڪميٽي مٿان عائد ٿئي ٿي، ته اهي ان قومي معامري کي پنهنجي سچائي ۽ ايمانداري سان فرض سمجهي مليل ڏوڪڙن کي شفاف بڻائيندي صرف اهي پيسا غير قانوني پرڏيهين جي واپسي تي خرچ ڪيا وڃن ته جئين ملڪ ۽ سنڌ مٿان پيل بار گهٽجي سگهي. ان سان گڏ اها ذميواري سول بيورو ڪريسي کان وڌيڪ قانون لاڳو ڪندڙن ادارن جي آهي ته اهي غير قانوني رهندڙ پرڏيهين کي پڪڙي لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر کي آگاهه ڪن ته جئين انهن جي واپسي ممڪن ٿي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.