سنڌ جي اسي سيڪڙو عوام جو گذران زراعت تي آهي. هتان جو آبادگار محنت ڪري زراعت کي ترقي ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ سڄي ملڪ کي پالي ٿو. پر، گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي ، اسان جي زراعت کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي. هتان جون زمينون پاڻي تي آباد ٿين ٿيون. پر، هاڻي پاڻي جي کوٽ آهي جيڪا هٿ وٺي ڪئي پئي وڃي. جنهن ڪري زراعت متاثر ٿي رهي آهي. وفاق کان وٺي صوبي تائين پاڻي جي منصفانڻي ورڇ ڪونه ڪئي پئي وڃي. ان ورڇ جي خلاف آبادگار ويچارا سراپا احتجاج بڻيل آهن. پر، سندن ڪير به ٻڌڻ وارو ڪونه آهي. سندن احتجاجن جو ڪو به نتيجو ڪونه ٿو نڪري. ان کوٽ جي خلاف روزانو دانهون ڪيون پيون وڃن. پر، ڪو به داد ڪرڻ وارو ڪونه آهي. اهو مسئلو پنهنجي جاءِ تي ڪر کنيو بيٺو آهي ته ٻئي طرف فصل لهي تيار ٿيڻ مهل، زرعي جنسن جو اگهه مناسب ڪونه ٿو ڏنو وڃي. سرڪار سڳوري هارين ۽ زميندارن کي صحيح اگهه ڏيارڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي. اڄ ڏينهن تائين جيڪي به حڪومتون آيون آهن. سي، زرعي جنسن جي اگهن جو صحيح تعين ڪري ڪونه سگهيون آهن. جنهن ڪري سنڌ ۾ آبادگار زرعي جنسون گهٽ اگهه ۾ وڪرو ڪريو ڇڏين ٿا. پوءِ ، جڏهن اهي جنسون آبادگارن ، زميندارن ۽ هارين جي هٿن مان نڪريو وڃن پوءِ ، انهن جا اگهه وڌايا وڃن ٿا. اهڙي طرح سان زراعت سان لاڳاپيل طبقي سان ناانصافي ڪئي وڃي ٿي. آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي. واپارين ۽ تاجرن کي فائدو ڏياريو وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ غربت وڌي رهي آهي. هارين جي حالت مفلسي ۽ مسڪيني واري ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
هاڻ وري هڪ نئون مسئلو پيدا ٿيو آهي. جنهن ڪري آبادگار وڌيڪ پريشان ٿيا آهن. سندن تڪليفن ۽ اهنجن ۾ اضافو ٿيو آهي. هاڻ اهي مونجهاري جو شڪار آهن. اهو مسئلو هيءَ آهي ته ، سنڌ ۾ زرعي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي ويئي آهي. جنهن ڪري بحران وڌي رهيو آهي. ياد رهي ته زرعي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي ويئي آهي. اها، کوٽ شدت اختيار ڪندي پئي وڃي. جنهن ڪري بحران وڌي رهيو آهي. ياد رهي ته ، زرعي ڀاڻ فصلن کي ڏيڻ سان ، انهن جي پيداوار ۾ واڌ ٿئي ٿي. فصل ڀلا ٿين ٿا. مطلب ته زراعت جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڄاڻايل ڀاڻ تمام ضروري ۽ اهم آهن. انهن ڀاڻن کان سواءِ ، فصل آمدني جي لحاظ کان اڳڀرا ٿي نه ٿا سگهن. ايتري قدر جو هارين ۽ آبادگارن جا فصلن تي ٿيندڙ خرچ به پورا نه ٿا ٿين. واپارين جو قرض به لهي نه ٿو سگهي. آبادگار جيئن جو تيئن مالي لحاظ کان پوئتي وڃي رهيا آهن. زندگي جا ڏينهن ڏکيا گذري رهيا اٿن. هن وقت سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪيو پيو وڃي. سموري سنڌ ۾ ان کوٽ جي خلاف احتجاج ڪيا پيا وڃن. پر، حڪمرانن ۽ واپارين جي ڪن تي جون به ڪانه ٿي رڙهي. ان سلسلي ۾ سڪرنڊ ۾ به احتجاج ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب ، سنڌ سميت ضلعي شهيد بينظيرآباد (نوابشاهه) ۾ زرعي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ مهانگو ڪري کپائڻ خلاف آبادگار اڳواڻن پاران ضلعي انتظاميه ، زرعي ڊيلرن ، واپارين ۽ ڀاڻ وڪرو ڪندڙن جي خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو. مظاهرين جو چوڻ آهي ته ، اسان ننڍا زميندار آهيون. اسان کي مجبور ڪيو پيو وڃي ته ، پنهنجون زرعي زمينون وڪرو ڪيون. سنڌ گروئرس آرگنائيزيشن آبادگار اڳواڻن مان چيئرمين رضا چانڊيو، ڪرم الله انڙ ، عطاءَ الله انڙ ، علي شير انڙ ، اشتياق احمد آرائين ۽ محمد ايوب آرائين ، سڪرنڊ ۾ مرڪزي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ، ڊيلر زرعي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ڪري رهيا آهن. سنڌ جو آبادگار کوڙ سارن مسئلن کي منهن ڏيئي رهيو آهي. ڪڏهن پاڻي جي کوٽ ، ڪڏهن زرعي جنسن جي اگهن ۾ ناانصافي ، ڪڏهن بارداني جو بحران وغيره جي مسئلن جي ڪري پريشان رهي ٿو. هڪ گهري سازش جي ذريعي سنڌ جي زراعت کي هٿ سان تباهه ڪيو پيو وڃي. زرعي ڀاڻن جي ڪمپنين جي طرفان ڪا به کوٽ ڪونه آهي. هن وقت ڪڻڪ جي پوکائي هلي رهي آهي. آبادگارن کي زرعي ڀاڻ جي سخت ضرورت محسوس ٿئي پئي. عين ٽائيم تي اها کوٽ پيدا ڪري آبادگارن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي. اهو محض ان ڪري ڪيو پيو وڃي ته ڪڻڪ جي کوٽ پيدا ٿئي ۽ بحران پيدا ٿئي اها سنڌ جي معيشت کي تباهه ڪرڻ جي هڪ سازش آهي. زرعي ڀاڻن جي ٽن هزارن واري ٻوري ڏهن هزارن يا ، ان کان به وڌيڪ رقم ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي. زرعي ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ٿي رهيو آهي. جيڪو غريب آبادگارن جي خريد ڪرڻ کان زور آهي. انهن جي وس جي ڳالهه ڪونه آهي جو ، هو ڀاڻ خريد ڪري سگهن.
هاڻ ڀاڻ جي چوڏهن هزارن روپين ۾ في ٻوري به ڪانه ٿي ملي. وڏا، وڏا زميندار فائدي ۾ آهن. جن زرعي ڀاڻ جا گودام ڀري رکيا آهن ۽ اهي واپاري به فائدي ۾ آهن. جن گودام ۽ ڀانڊا ڀري ڇڏيا آهن ۽ بليڪ تي وڪرو ڪندا وتن ۽ خوب پئسو ڪمائين پيا. سندن ٻئي هٿ گيهه ۾ آهن. هرو ڀرو غريب آبادگار ڦرجندا وتن. روينيو آفيسر به انهن واپارين سان مليل آهن. جنهن ڪري واپارين جي خلاف ڪو به قدم ڪونه ٿو کنيو وڃي. بااثر زميندارن کان به پڇاڻو معاف آهي. اهي قانون کان سگهارا ۽ طاقتور آهن.
ياد رهي ته جيڪڏهن زرعي ڀاڻ جا مهانگا اگهه برقرار رهيا ته ان جو نتيجو ڪو چڱو ڪونه نڪرندو. زرعي فصلن جي آمدني کي ڌڪ لڳندو خاص ڪري ڪڻڪ جي پيداوار گهٽجي سگهي ٿي. سرڪاري حدف پورو ٿيڻ ناممڪن ٿي پوندو. ڪڻڪ جي واپار کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو. ان ڪري خريداري به گهٽ ٿيندي. هن ، سال سرڪاري گودام ڪڻڪ جي ٻورين سان ڀرجي نه سگهندا. ان صورت ۾ ملڪ ۾ کاڌو خوراڪ جو بحران پيدا ٿيڻ جي خدشي کي رد ڪري نه ٿو سگهجي غريب عوام فاقه ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويندو. ان لاءِ سرڪار کي اڳ ۾ سوچڻ گهرجي ۽ اک پٽڻ گهرجي. نه رڳو ڪڻڪ جو فصل متاثر ٿيندو. پر، ٻين فصلن کي به زرعي ڀاڻ نه ملڻ ڪري ڌڪ لڳندو.
اها حقيقت آهي ته ، اسان جو ملڪ تڏهن ترقي ڪندو جڏهن هتان جي زراعت کي هٿي ڏياري ويندي. خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ هارين ۽ آبادگارن جي همٿ افزائي ڪري کين ٻج ۽ ڀاڻ گهٽ اگهه ۾ ڏنو وڃي. عوام جي گهڻائي زراعت سان لاڳاپيل آهي ملڪ ترقي تڏهن ڪندو جڏهن هارين ۽ آبادگارن کي سهولتون ڏنيون وينديون. ملڪ زراعت جي بغير ڪڏهن به ترقي ڪري ڪونه سگهندو. ترقي لاءِ زراعت ۾ سڌارا آڻڻ ضروري آهن. ٻئي حالت ۾ عوام جي خوشحالي ۽ ملڪي ترقي ناممڪن آهي. جنهن ڪري حڪمرانن کي اهڙيون پاليسيون ٺاهڻ گهرجن جن سان زراعت کي فائدو رسي. ٻج ۽ ڀاڻ جا هٿرادو بحران پيدا نه ڪيا وڃن. زرعي جنسن جا مناسب اگهه به مقرر ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڻي جي منصفاڻي ورڇ به ڪرڻ گهرجي. پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ جي ڪري ، هيل تائين سنڌ جي آبادگارن تمام گهڻو نقصان برداشت ڪيو آهي. ملڪ جي پاسبانن کي زراعت جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. ايئن ڪرڻ سان ڏتڙيل ۽ مفلس هاري بدحالي واري زندگي مان نڪري خوشحالي واري زندگي گذاري سگهندا.