اورنگي ٽائون ڦر واقعو، گرفتار جوابدار جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

ڪراچي (رپورٽر) مقامي عدالت ۾ اورنگي ٽائون جي واپاري شاڪر جي گهر مان ڦر واري ڪيس جي  ٻڌڻي ٿي، عدالت گرفتار 5 جوابدارن  کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت جاچ آفيسر کي ڊي ايس پي عمير باجاري جي موبائل کولڻ لاءِ پن ڪوڊ وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. پوليس گرفتار ڪيل 5 جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو، 3 جوابدارن محفوظ، عبدالستار ۽ اظهر جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، باقي ٻن جوابدارن ۾ سهيل ۽ شاھه رخ به شامل آهن. جاچ آفيسر جوابدارن جو جسماني رمانڊ وٺڻ جي استدعا ڪئي، جاچ آفيسر ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ٻن جوابدارن سهيل رضوي ۽ شاھه رخ کي گرفتار ڪيو آهي، جوابدارن کان جاچ ڪرڻي آهي، رمانڊ ڏنو وڃي، جڏھن ته جوابدارن جي سڃاڻپ پريڊ به ڪرائڻي آهي، عدالت جاچ آفيسر کان پڇيو ته جوابدارن تي ڪهڙو الزام آهي، سڃاڻپ پريڊ جي درخواست ڪٿي آهي، جاچ آفيسر ٻڌايو ته سيکڙاٽ ڊي ايس پي ۽ ٻين جوابدارن ڦر واقعي بعد ڊفينس جي هڪ گهر ۾ رقم پاڻ ۾ ورهائي، عدالت ٻڌڻي 4 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.