ڪراچي: اسپتال ۾ ٻار جو لاش ڇڏي فرار ٿيڻ وارو واقعو، زيادتي جي تصديق

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي جناح اسپتال مان ٻارڙي جو لاش اڇلائڻ ۽ فرار ٿيڻ واري واقعي جا وڌيڪ تفصيل سامهون آيا آهن. پوليس سرجن ڊاڪٽر سمعيه موجب ٻارڙي سان زيادتي جي تصديق ٿي آهي، ٻار تي تشدد پڻ ڪيو ويو.  ڊاڪٽر سمعيه موجب ٻارڙي جي جسم مان ڊي اين اي جا نمونا حاصل ڪيا ويا آهن، وڌيڪ معلومات ليب جي رپورٽ اچڻ بعد سامهون ايندي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ استعمال ٿيل گاڏي جي مالڪ جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، بي ايم ٽي 868 واري گاڏي ڊفينس جي رهواسي اويس رضا جي نالي تي رجسٽرڊ آهي، واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽيم جوڙي وئي آهي.  پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿي ويل ٻار جي سڃاڻپ راول ولد فياض جي نالي سان ٿي آهي. فوتي ٻارڙو قيوم آباد جو رهواسي آهي، فوتي ٻار صبح گهران نڪتو جنهن کان پوءِ گم هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.