بجلي مهانگي ڪرڻ جي تياري، 200 کان گهٽ يونٽن وارا به نه بچندا

اسلام آباد (م ڊ) نيپرا اختيارين بجلي 3 رپيا 53 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ۾ چيو آهي ته واڌ سان 200 يونٽ  واهپيدارن جي بلن ۾ 650 کان 700 رپين جو فرق ايندو. نيپرا ۾ بجلي 3 رپيا 53 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، سي پي پي اي بجلي مهانگي ڪرڻ لاءِ نيپرا ۾ درخواست ڏني آهي، واڌ آڪٽوبر 2023 جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ گهري وئي آهي. اگهن ۾ واڌ سان واهپيدارن تي تقريبن 40 ارب رپين جو بار پوندو پر بجلي جي قيمت ۾ واڌ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندي. ٻڌڻي دوران نيپرا اختيارين چيو ته آڪٽوبر ۾ پاڻي مان 6.20 سيڪڙو وڌيڪ بجلي پيدا ڪئي وئي، درآمدي ڪوئلي مان 13.3 سيڪڙو ۽ گئس مان 5.38 سيڪڙو گهٽ بجلي پيدا ڪئي وئي. نيپرا ميمبر مقصود انور چيو ته آبادي وڌي رهي آهي ۽ بجلي پيداوار گهٽ ٿي رهي آهي، اهو الارمنگ آهي، جڏهن ته ميمبر رفيق شيخ چيو ته جيڪڏهن موسم سبب آهي ته ٺيڪ نه ته انڊسٽري جي حد تائين اهو الارمنگ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.