ڪوئيٽا(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هوندي چونڊون ملتوي نه ٿيون ٿي سگهن ۽ نه ئي ڪو ڌانڌلي جو سوچي سگهي ٿو.ڪوئيٽا ۾ شازيه مري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اڄ پيپلز پارٽي ملڪ جي عوام کي اهم پيغام ڏيڻ واري آهي، آصف زرداري بلوچستان ۾ آغاز حقوق جي مهم شروع ڪري ڇڏي، هن بلوچستان کي حقن ۽ سي پيڪ جو تحفو پيش ڪيو.شازيه مري وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي 18هين ترميم تحت بلوچستان کي حق ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي، ماڻهو 18هين ترميم تي تنقيد ڪن ٿا.