آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري ڪوئيٽا پهچي ويا

ڪوئيٽا(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرينز جو صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اربع ڏينهن ڪوئيٽا پهچي ويا آهن  جتي پي پي بلوچستان جي صدر چنگيز خان جمالي، روزي خان ڪاڪڙ، سردار سربلند جوگيزئي، سردار ثناءُ الله زهري ۽ عبدالقادر بلوچ انهن جي آجيان ڪئي. آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ نيئر بخاري، سليم مانڊوي والا، شرجيل انعام ميمڻ ۽ ٻيا به ڪوئيٽا پهتا آهن. آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري (اڄ) خميس تي ايوب اسٽيڊيم ڪوئيٽا ۾ عام جلسي کي خطاب ڪندا جڏهن ته بلاول ڀٽو هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن کي به خطاب ڪندو. ڪوئيٽا جي دوري جي موقعي تي آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان جي مختلف تنظيمن جي عهديدارن جي وفدن سان به ملاقات ڪندا.

ڪراچي ۾ جرمني کان آيل شهري کان ڦر، ڪيس داخل

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي بفر زون ۾ جرمني مان آيل شهري کان ڦرلٽ ڪئي پئي، واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون اچي ويا آهن. چوري جو واقعو  بفر زون سيڪٽر 15 اي ۾ پيش آيو، پوليس جو چوڻ آهي ته جڏهن شهري ايئرپورٽ کان گهر پهتو ته ڦرن سندس پيڇو ڪيو ، جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٿيلهو کسيو ۽ فرار ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته بيگ ۾ يورو، 13 لک رپيا، 2 موبائل فون ۽ هڪ جرمن نيشنل ڪارڊ هو. واقعي جو تميوريا ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

اطلاعات کاتي سنڌ پوليس جي ترجمان کي هٽائي ڇڏيو، سيد سعد علي نئون ترجمان مقرر

ڪراچي(رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمن ميمڻ سنڌ پوليس جي ترجمان کي عهدي تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سيڪريٽري نديم الرحمن ميمڻ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي سنڌ پوليس جي ترجمان سھيل جوکيو کي عھدي تان ھٽائي اطلاعات کاتي جي ھيڊ ڪوارٽر رپورٽ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آهي. جڏهن ته سھيل جوکيو جي جاءِ تي سيد سعد علي کي سنڌ پوليس جو ترجمان مقرر ڪرڻ جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.