ڪراچي ۾ عوام جا محافظ ئي ڏوهي وارداتن ۾ ملوث نڪتا

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ عوام جا محافظ ئي ڏوهي وارداتن ۾ ملوث نڪتا، سعيد آباد پوليس اڳوڻي پوليس اهلڪار وسيم احمد  عباسي جي گهر ڇاپو هڻي 2 ڪلو چرس، شراب، گٽڪو، مائو ۽ 50 ٻوريون سپاري سميت  رائفل جي 33 ۽ 12 بور جا 10 رائونڊ هٿ ڪري ورتا، جڏهن ته جوابدار ساٿين سميت فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پوليس موجب جوابدار وسيم احمد جي گهر مان اتحاد ٽائون جو سرڪاري رجسٽرڊ ڪيس پراپرٽيز جا ڪاغذ مليا آهن ان کي جبري طور تي رٽائرڊ ڪيو ويو هو، عملدارن ٻڌايو ته جوابدار منشيات وڪرو ڪرڻ، زمينن تي قبضا ڪرڻ، پاڻي چوري ڪرڻ ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث هو  جنهن جي خلاف ڪيترائي ڪيس داخل آهن جڏهن ته 2014 ۾ اسپيشل برانچ به وسيم احمد عباسي جي خلاف رپورٽ جاري ڪئي هئي پوليس موجب جاچ کان پوءِ وسيم احمد عباسي کي هيڊ ڪانسٽيبل مان ڪانسٽيبل ۽ پوءِ جبري رٽائرڊ ڪيو ويو جنهن کانپوءِ هو پاڻ کي واٽس ايپ گروپ صحافي سڏرائڻ لڳو ۽ سوشل ميڊيا تي ايڪٽو ٿي ويو، جوابدار ٻيهر منشيات وڪرو ڪرڻ، زمينن تي قبضا ڪرڻ، غيرقانوني واٽر هائڊرنس ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث هجڻ سان گڏ سرپرستي به شروع ڪري ڇڏي ان جي خلاف پنج ڪيس اڳ جڏهن ته پنج ڪيس وڌيڪ داخل ڪيا ويا آهن پوليس موجب 25 نومبر 2023 تي اطلاع مليو هو ته حب بلوچستان مان منشيات سان ڀريل ٽرڪ وسيم احمد عباسي جي گهر لاٿي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.