ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي جي راشد منهاس روڊ تي واقع شاپنگ مال ۾ گذريل هفتي لڳل باهه واري واقعي ۾ ملوث آفيسرن جي ملوث هجڻ بابت ٺوس ثبوت ملن ته غفلت جي ذميوار آفيسرن خلاف فوجداري ڪارروائي شروع ڪئي وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ شاپنگ مال ۾ باھه لڳڻ واري وقعي بابت داخل درخواست فوري طور ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي چيف سيڪريٽري سنڌ، سي اي او فيصل ڪنٽونمينٽ، ڪمشنر ڪراچي، ڊي جي ايس بي سي اي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. سمورن ادارن کان 7 ڊسمبر تائين تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي. عدالت درخواست تي عبوري حڪم جاري ڪندي چيو ته اميد آهي سمورا لاڳاپيل ادارا ۽ حڪومت هن افسوسناڪ واقعي جي جاچ ڪرائيندا. عدالت حڪم ۾ چيو ته شاپنگ مال ۾ باھه لڳڻ ۽ انساني جانين جي نقصان جو پتو لڳايو وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ۾ اميد ڏيکاري ته افسوسناڪ واقعي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن کي قانون موجب معاوضو ڏنو ويندو، درخواست سينيئر وڪيل نديم شيخ ۽ سليم مائيڪل داخل ڪرائي. درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو آهي ته باھه جو واقعو ريگيوليٽري اٿارٽي جي مجرماڻي غفلت سبب پيش آيو، ڪراچي ۾ باھه جا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. اپريل ۾ گارمينٽ فيڪٽري کي باهه لڳڻ سبب 4 فائر فائٽر سڙي فوت ٿي ويا هئا. آگسٽ 2021 ۾ به ڪيميڪل فيڪٽري ۾ باھه لڳڻ سبب 10 ماڻهو سڙي فوت ٿيا، 2011ع ۾ بلديا ٽائون فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ سبب 260 ڄڻا فوت ٿيا. قومي اسيمبلي پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل پاران تيار ڪيل بلڊنگ ڪوڊ آف پاڪستان فائر سيفٽي پروويزن 2016 جي منظوري ڏئي چڪي آھي، جنهن قانون تي فوري عملدرآمد لاءِ ٽاسڪ فورس قائم ڪيو وڃي. درخواست موجب فائر سيفٽي ڪوڊ تي عملدرآمد کانسواءِ گهڻ ماڙ عمارتن جي مڪمل ٿيڻ جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ تي پابندي لڳائي وڃي. وڪيل اڳواڻن جو موقف آهي ته ھفتيوار بنيادن تي گھڻ ماڙ عمارتن ۾ ٽريننگ ڪرائي وڃي گڏوگڏ آر جي مال راشد منهاس روڊ متاثرن فوتين کي هڪ هڪ ڪروڙ رپيا هر ماڻهو جي حساب سان وارثن معاوضو ۽ زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، درخواست ۾ گهرو سيڪريٽري، چيف سيڪريٽري، ڪمشنر ڪراچي، ڊي جي ايس بي سي اي، سي اي او فيصل ڪنٽونمينٽ بورڊ، صدر پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل، ڊائريڪٽر سنڌ ايمرجنسي اينڊ ريسڪيو سروسز کي به ڌر بڻايو ويو آهي. ڌرين ۾ ڊي آءِ جي اوڀر ۽ ڊائريڪٽر ميونسپل سروسز پڻ شامل آهن .