ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ غير قانوني اڏاوتن جا 8 ھزار کان وڌيڪ ڪيس مختلف عدالتن ۾ ھلڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نديم اختر تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. جسٽس نديم اختر رمارڪس ڏيندي چيو ته ايس بي سي اي جي نااهلي سبب انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن، جڏهن شهر ۾ غيرقانوني اڏاوتون ٺهي رهيون ھيون ان وقت ڇو نه روڪيو ويو ؟ ايس بي سي اي وارن جو آخر ڪھڙو ڪم آھي؟ جسٽس نديم اختر چيو ته ايس بي سي اي پنهنجي ذميواري پوري ناهي ڪئي ان ڪري عدالتون ڪيسن سان ڀريل آهن، جسٽس نديم اختر ايس بي سي اي جي قانوني سربراهه نصرت علي کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته ايس بي سي اي خلاف عدالت ۾ ڪيترا ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن؟ جواب ۾ ايس بي سي اي جي ليگل هيڊ نصرت علي ٻڌايو ته مختلف عدالتن ۾ 7 کان 8 هزار ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن. ايس بي سي اي سنجيدگي سان ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جسٽس نديم اختر چيو ته ڪهڙي ڪوشش ٿي رهي آهي، هر هنڌ غير قانوني اڏاوتون ٿي رهيون آهن، ان کي ڇو نٿو روڪيو وڃي؟ عدالت حڪم ۾ چيو ته ايس بي سي اي خلاف آئيني درخواستون، سول سوٽ، هاءِ ڪورٽ جون اپيلون ۽ ٻين هنڌن جو مڪمل رڪارڊ پيش ڪيو وڃي،