ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ هڪ جماعت نه پر هڪ تحريڪ آهي، پارٽيءَ جي باني چيئرمين قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ چيئرپرسن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي اڻ پوري مشن کي پڄاڻيءَ تائين پهچائڻ لاءِ اسان پُرعزم آهيون. ميڊيا سيل بلاول هائوس مان جاري ڪيل پريس رليز مطابق پارٽي جي 56هين يومِ تاسيس تي پنهنجي پيغام ۾ پ پ چيئرمين چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي پارٽيءَ جو بنياد ان سياسي تدبير ۽ ڏور رس ويزن تي رکي هو جنهن تي عمل ڪندي اسان کي هڪ خوشحال ۽ مضبوط پاڪستان تعمير ڪرڻو آهي. هڪ اهڙو پاڪستان جنهن ۾ ماڻهن جي حقن ۽ مفادن جو هڪجهڙو خيال رکيو وڃي. هن محترمه بينظير ڀٽو کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته شهيد بي بي ملڪ ۾ آمريت، مرڪزيت پسند سوچ ۽ـ انتهاپسندي خلاف سڄي عمر مزاحمت ڪري عوام جي بنيادي حقن جي حفاظت ۽ سندن خوشحالي لاءِ جدوجهد ڪئي. هن چيو ته فڪرِ ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو فلسفو ۽ ويزن اسان لاءِ مشعل راهه آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري، 18هين ترميم، اين ايف سي ايوارڊ، صدارتي اختيارن جي پارليامينٽ کي منتقلي، آغازِ حقوق بلوچستان پروگرام، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ پاڪستان کپي، صدر آصف زرداري جي ويزن جا قدم آهن. چيئرمين ملڪ ۾ جمهوريت خاطر قيد ۽ جلاوطني جون صعوبتون برداشت ڪندڙ، ڪوڙا کائيندڙ ۽ ڦاسي کي چُمندڙ جيالن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ ان جو عزم جو اظهار ڪيو ته پارٽي پنهنجي عظيم ڪارڪنن جي قربانين کي رائيگان وڃڻ نه ڏيندي. چيئرمين پنهنجي جماعت جي يومِ تاسيس جي موقعي تي هڪ ڀيرو ٻيهر والاريل ڪشمير جي عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ سندن حق خوداراديت جي ڀرپور حاميت ڪئي. اڄ هر جيالي کي پ پ پ کي مضبوط بنائڻ لاءِ عهد ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ پ پ جي فتح 22 ڪروڙ عوام جي مهانگائي، بيروزگاري ۽ـ غربت جي زنجيرن مان آزادي جي ضمانت آهي. اسان جي فتح يقيني آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جا نوجوان هاڻ پ پ سان ميدان ۾ ڄمي بيٺل آهن.