نواز شريف کي اهم ڪيس ۾ وڏو رليف، عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ آجو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف جي سزا جو فيصلو رد ڪندي کيس آجو ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف جي ايون فيلڊ ۽ العزيزيا ريفرنس ۾ سزا خلاف  اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته نيب کي ثابت ڪرڻو هو ته نواز شريف پراپرٽيز جي خريداري لاءِ ادائيگي ڪئي، سڀ کان اهم ڳالهه انهن پراپرٽيز جي مالڪي جو سوال آهي، نه زباني نه دستاويزي ثبوت آهي ته اهي ملڪيتون ڪڏهن نواز شريف جون هيون. امجد پرويز جي دليلن تي چيف جسٽس فاروق سوال ڪيو ته اهو سڄو پراسيڪيوشن جو ڪم آهي؟ جنهن تي امجد پرويز چيو ته جي بلڪل اهو سڀ پراسيڪيوشن کي ئي ثابت ڪرڻو پوندو آهي، ڪورٽ مفروضي تي سزا ڏني ۽ فيصلي ۾ ثبوت بدران عام ڳالهه لکي. نواز شريف جي وڪيل وڌيڪ چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ هڪ نيب جوابدار آءِ بي جي اڳوڻي سربراهه بريگيڊيئر (ر) امتياز کي بري ڪيو، ان بنياد تي بريت ٿي ته جوابدار جي مبينا ملڪيتن جي قيمت ۽ آمدني جو پتو لڳائڻ بنا ريفرنس داخل ڪيو. ٻڌڻي دوران امجد پرويز مريم نواز جي هاءِ ڪورٽ مان بريت جو فيصلو پڙهي ٻڌايو ۽ چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ احتساب عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي مريم نواز کي بري ڪيو هو، عدالت لکيو ته فريادي جي موقف کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪو هڪ دستاويز موجود ناهي. عدالت امجد پرويز ايڊووڪيٽ جا دليل مڪمل ٿيڻ تي ڪيس جو مختصر فيصلو ٻڌائيندي نواز شريف کي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ ٻڌايل سزا ڪالعدم قرار ڏيندي کيس بري ڪري ڇڏيو. هوڏانهن نيب فليگ شپ ريفرنس ۾ به نواز شريف جي بريت خلاف اپيل واپس وٺي ڇڏي. هوڏانهن مسلم ليگ ن قائد نواز شريف ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا ڪالعدم ٿيڻ تي چيو آهي ته خدا جو شڪر آهي جو مون سان انصاف ٿيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ايون فيلڊ ريفرنس مان بري ٿيڻ کانپوءِ صحافين سان مختصر گفتگو ڪندي نواز شريف چيو ته اڄ مون سان انصاف ٿيو آهي، مان رب پاڪ جو شڪرگذار آهيان، مان پنهنجو معاملو خدا تي ڇڏي ڏنو هو ۽ خدا پاڪ اڄ مون کي ڪامياب ڪيو. عمران خان جي جاءِ تي بئريسٽر گوهر اچڻ جي سوال تي هن چيو ته بس اهو ئي قدرت جو نظام آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.