ڪراچي يونيورسٽي ڪاليجن کي يتيم ڪري ڇڏيو آهي : عدالت

ڪراچي ( رپورٽر ) ايس ايم لا ڪاليج جي شاگردن کي امتحان کان روڪڻ خلاف درخواست  تي ٻڌڻي ٿي. لا ڪاليج جو پرنسپال عدالت ۾ ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيو. ڪاليج جي پرنسپل موقف اختيار ڪيو ته  اسان 150 شاگردن کي داخلا ڏني پر يونيورسٽي ان کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي. پرنسپل وڌيڪ چيو ته يونيورسٽي انتظاميا امتحانن ۾ 150 بدران 100 شاگردن ۽ شاگردياڻين جي فهرست جاري ڪئي آهي. ڪراچي يونيورسٽي جي وڪيل جو چوڻ هو ته لا ڪاليج اضافي داخلا کي تسليم نٿو ڪري سگجهي. يونيورسٽي جي وڪيل ڪيس جي تياري بابت عدالت کان مهلت گهري ورتي. ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته هي ٻارن جي مستقبل جو معاملو آهي، ڪراچي يونيورسٽي ڪاليجن کي يتيم ڪري ڇڏيو آهي. عدالت چيو ته معاملا قانوني  دائري ۾ رهي حل ڪيا وڃن مرضي موجب فيصلا نه ڪيا وڃن. وڪيل چيو ته شاگردن ۽ شاگردياڻين داخلا، انرولمنٽ ۽ امتحاني فيس اڳ ئي جمع ڪرائي آهي، خرم لاکاڻي ايڊووڪيٽ چيو ته يونيورسٽي ۽ لا ڪاليج وچ ۾ معاملن جي آڙ ۾ شاگردن جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي 6 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.