صحافي علي سرور جي بازيابيءَ بابت ٻڌڻي، عدالت پاران جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صحافي علي سرور جي بازيابيءَ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس  امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، عدالت گهرو کاتي، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کان 7 ڊسمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته 25 نومبر تي رات جو ڏيڍ وڳي بنا نمبر پليٽ گاڏي ۾ سوار اهلڪار سندس مڙس کي گلشن اقبال ۾ سندس گهر مان گرفتار ڪري کڻي ويا آھن، گرفتاري ڪندڙ وردي واري اهلڪارن منهنجي مڙس علي سرور کي گهر مان گرفتار ڪيو آهي. درخواستگذار موجب اھلڪار عمارت جا سي سي ٽي وي فوٽيجز به پاڻ سان گڏ کڻي ويا آھن، دخواست موجب مون کي هن وقت تائين پنهنجي مڙس بابت ڪجهه نٿو ٻڌايو وڃي، درخواست گذار عدالت کي استدعا ڪئي ته علي سرور جي بازيابي جو حڪم ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.