اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي فيض آباد ڌرڻي جي جاچ ڪميشن آڏو پيش ٿيو.ذريعن موجب جاچ ڪميشن شاهد خاقان عباسي کي جاچ لاءِ سوالنامو ڏنو، کيس 4 صفحن تي ٻڌل سوالنامو ڏنو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته چئن صفحن تي ٻڌل سوالنامي ۾ لڳ ڀڳ 32 سوال آهن.شاهد خاقان عباسي چيو ته مون کي ڪميشن طرفان ٽيليفون ڪيو ويو.هن چيو ته ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت سان معاهدو ڪيو ويو هو، جيڪڏهن ڪنهن ڌرڻي دوران قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي ته قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.هن وڌيڪ چيو ته مون معاهدي جو مسودو نه ڏٺو آهي، ڌرڻو ختم ڪرڻ حڪومت جو فيصلو هو.