عمير طارق باجاري جي ڌاڙي بابت جاچ لاءِ اعليٰ سطحي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي قائم

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي جي ضلعي ڏکڻ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ اڳوڻي وڏيوزير سيد مراد علي شاه جي پي ايس سليم باجاري جي ڀائيٽي  ڊي ايس پي ٽريننگ عمير طارق باجاري پاران گهر ۾ گهِڙي هڪ ڪروڙ کان مٿي روڪ رقم ۽ سون چوري ڪرڻ واري واقعي بابت چيف سيڪريٽري  پاران پوليس عملدارن جي ڏوھ ۾ ملوث واقعي بابت  هڪ اعلي سطح فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آھي،ڪميٽي جو سربراھ چيئرمين ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهروکاتو جڏهن ته ڪمشنر ڪراچي، ڊي آئي جي سائوٿ کي ميمبر طور شامل ڪيو ويندو آھي.ڪميٽي کي 10 ڏينهن اندر رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي قائم ڪميٽي ايس ايس پي ڏکڻ ۽ ڊي ايس پي يو ٽي معاملي بابت تفصيلي جاچ ڪندي،ڪميٽي کي ذميوارن مٿان ذميواري فڪس ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، ان سلسلي ۾ نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آھي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.