ايف بي آر سرگرم، امير طبقي کي ٽئڪس دائري ۾ آڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) فيڊرل بورڊ آف روينيو ٽئڪس دائرو وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ امير طبقي جا تفصيل گڏ ڪيا ويندا.  فيڊرل بورڊ آف روينيو  صنعتڪارن، وڪيلن ۽ ڊاڪٽرن جا تفصيل گڏ ڪندي. وڏين ايسو سئيشن جي ميمبرن جا تفصيل به گڏ ڪيا پيا وڃن. وڏين ايسوسئيشنن جي ميمبرن جي سڃاڻپ ڪارڊ نمبرن ۽ موبائل نمبرن جي تصديق ڪئي ويندي. هوڏانهن آءِ ايم ايف ٽيم جون به پاڪستاني عملدارن سان اوڳاڙيون وڌائڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.