ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ بابت عبدالقدوس بزنجو جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي ساٿين سان گڏ باضابطا شموليت جو اعلان ڪندو.سندس چوڻ آهي ته هو پ پ جي يوم تاسيس جي جلسي ۾ مصروفيتن سبب شرڪت نٿو ڪري سگهي.عبدالقدوس بزنجو چيو ته هو آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو سان جلد ملاقات ڪندو.