رياستي ادارا صحافين جي اغوا،تشدد ۽ قتل ۾ ملوث آهن:صحافي اڳواڻ

ڪراچي(ذوالفقار راڄپر ) گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر فار هيومن رائيٽس پارلياماني ڪميشن فار هيومن رائيٽس ۽ پاڪستان فيڊرل  يونين آف جرنلسٽس جي گڏيل سهڪار سان ” عالمي انساني حقن جو نظام ۽ پاڪستان ۾ صحافين جي تحفظ لاءِ انهن جو استعمال “ جي موضوع تي ٻن ڏينهن جو ورڪشاپ ڪالهه اربع ڏينهن مقامي هوٽل ۾ منعقد ٿيو . ورڪشاپ ۾ پي سي ايڇ آر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر چوڌري محمد شفيق چيو ته صحافين کي رياستي تشدد ۽ پريس جي آزادي ۾ رڪاوٽ وجهڻ بابت اقوام متحده جي اظهار جي آزاديءَ ۽ انساني حقن حقن جي ادارن کي آگاه ڪرڻ لاءِ خط ۽ اي ميل ڪرڻ، لکڻ جي تربيت حاصل ڪرڻ گهرجي، نامور صحافي مظهر عباس چيو ته پاڪستان ۾ رياستي ادارا صحافين جي اغوا، تشدد ۽ قتل ۾ ملوث آهن، سنڌ جي نگران حڪومت جي مشينري سکر شهر ۾ قتل ٿيل صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ سنجيده قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي. پي ايف يو جي اڳواڻ ارشد انصاري چيو ته پاڪستان ۾ پريس جي آزادي خطري ۾ پئجي وئي آهي، پاڪستان صحافين لاءِ دنيا جو ٻيو نمبر خطرناڪ ملڪ بڻجي ويو آهي ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي چيو آهي ته پاڪستان ۾ رياستي ادارا گڏيل قومن جي انساني حقن جي چارٽر  ۽ ملڪ جي آئين ۽ قانون کان مٿانهان آهن.  بلوچستان ۾ سياسي ڪارڪنن جي گمشدگي ۽ قتل جو سلسلو اڃان تائين جاري آهي، ڪراچي يونين آف جرنلسٽ (ڪي يو جي ) جي ايڊهاڪ ڪميٽي جي چيئرمين امتياز خان فاران چيو ته خانگي قوتون، لساني ۽ مذهبي جماعتون ڪراچي شهر ۾ آزاد صحافت تي رياستي ادارن کان وڌيڪ حملا ڪري رهيون آهن  سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ سردار جرڳا ڪري صحافين تي تشدد ۽ قتل ڪندڙن کي تحفظ فراهم ڪن ٿا. ورڪشاپ ۾ سي پي اين اي جو اڳواڻ عامر محمود، پي ايف يو جي اڳواڻ سردار لياقت ڪشميري، لالا اسد پٺاڻ، خورشيد عباسي، مشتاق سهيل، ميمبر ذوالفقار راڄپر، عارف بلوچ اختر شاهين، اڪرم خان ۽ ٻيا صحافي موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.