تربت ۾ مقابلي ۾ شهيد نوجوان جي هفتي کانپوءِ تدفين،ڌرڻو جاري

تربت(م ڊ) تربت ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ قتل ٿي ويل نوجوان بالاچ مولابخش کي دفنايو ويو.تربت ۾ مبينا مقابلي ۾ مارجي  ويل نوجوان جي تدفين واقعي جي 7 ڏينهن کانپوءِ مقامي قبرستان ۾ ڪئي وئي، جنهن ۾ وارثن کان علاوه ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.واضح رهي ته تربت ۾ گذريل خميس ڏينهن سي ٽي ڊي سان مبينا مقابلي ۾ نوجوان مارجي ويو هو، جنهن بعد وارثن ڌرڻو هنيو هو.ٻئي طرف واقعي خلاف وارثن جو ڌرڻو ڪالهه به جاري آهي، سندن چوڻ آهي ته تربت مين چوڪ تي احتجاجي ڌرڻو مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهندو.ڌرڻي ۾ شريڪ اهلڪارن جي مطالبن ۾ لاڳاپيل اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ واقعي جي عدالتي انڪوائري شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.