ڪراچي(م ڊ) نگران سنڌ حڪومت پاران سمورن کاتن کان سياسي ڀرتين جي ڊيٽا طلب ڪئي وئي.ڊپارٽمينٽ آف سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن سمورن سيڪريٽرين ۽ ڪمشنرن کي خط لکيو آهي.خط چيف سيڪريٽري سنڌ جي هدايتن تي لکيو ويو آهي ته گذريل حڪومت دوران ڪيل سمورين سياسي ڀرتين جي ڊيٽا فراهم ڪئي وڃي.واضح رهي ته سياسي ڀرتين جي تفصيل وارو خط اليڪشن ڪميشن جي هدايتن جي روشني ۾ لکيو ويو آهي.