اسلام آباد(م ڊ)نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته ڪيترائي ماڻهو زال کان ڪاوڙجي به گم ٿي وڃن ٿا، جبري گمشدگي، رضاڪاراڻي گمشدگي ۽ گمشدگي ۾ فرق آهي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهين صحافين گهرو وزير کان سوال ڪندي چيو ته بازياب ڪرايل 22 ماڻهو ڪنهن وٽ قيد هئا؟ سرفراز بگٽي چيو ته ان سوال جو جواب بازياب ٿيل ماڻهن کان پڇو، هوڏانهن گهرو معاملن بابت نگران وفاقي وزير سرفراز احمد بگٽي چيو آهي ته سرحدي علائقي چمن ۾ ون ڊاڪيومينٽ رجيم جي حوالي سان هڪ هفتي ۾ مڪينزم بڻائي وٺنداسين، ڪاروبار ۾ آساني ۽ ڌُرين لاءِ آساني پيدا ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. هو سينيٽ جي گهرو اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو.