ڀنڀور جي آثارن کي لينڊ مافيا کان بچائڻ جو سوال

مقصود احمد جوکيو  

سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور جي ورثي سان 2001 کان روينيو جي مدد سان لينڊ مافيا سوين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي وئي، 2007 ۾ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ روينيو رڪارڊ ساڙي وڃڻ جو جواز ڄاڻائي غير قانوني طور تي سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور جي زمينن تي زرعي زمينون، ڪڪڙن جا فارم، مڇين جا تلاءَ، لوڻ جي ڪارخانن سميت مختلف نالن سان قبضا ڪري غير قانوني پلاٽنگ ڪئي وئي آهي.

1958 ۾ ايوب جي دور ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور جو جڏهن وجود رکيوويو تڏهن ڀنڀور لڳ ڀڳ 640 ايڪڙن تي ٻڌل هيو، جتي 75 ايڪڙن تي سسئي جي باغ جي نالي سان وٽيجي باغ نالي ھڪ باغ ھوندو ھو، جتي اٺ نارن ذريعي پاڻي هلائي سوين ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي هئي، جتي ڪرمي ڪلمتي بلوچ جي نالي سان ماڻھو ان جي سربراھي ڪري ان کي آباد ڪندو هو، جتي دنيا جو ھر ڦل فروٽ ۽  ميوو ملندو هو جيڪو ٻين شهرن ڏانهن واپار پڻ ڪيو ويندو هو پر ھن وقت روينيو ۽ ٻين ڪامورن پاران جيڪو نقشو جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 307 ايڪڙ زمين ڏيکاري وئي آهي جيڪا سراسر ناانصافي ۽ تاريخي ماڳ جي لتاڙ آھي  پر ھن وقت صرف ڀنڀور جا قلعا ۽ ميوزيم بچيو آھي  جيڪو  لڳ ڀڳ 45 ايڪڙن تي قائم آهين جيڪو پڻ هن وقت غير محفوظ  بڻيل  آهين ان تي بااثرن جون اکيون کتل آھين  ٻئي پاسي لينڊ مافيا ۽ گھارو سمنڊ جو ڪريڪ سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور جون زمينون ڳڙڪائي رهيو آهي پر تنھن باوجود به روينيو انتظاميا جي ڪن لاٽار سبب بچيل زمينن تي ھر روز مقامي  روينيو جي ملي ڀگت سان قبضا ٿيندا پيا وڃن جنهن سبب تاريخي نشانيون پڻ مسمار ٿيڻ لڳيون آھين تاريخي ورثو مڪمل طور تي خطري هيٺ آھي

تاريخي ماڳ ڀنڀور جنهن کي عالمي مڃتا مليل آھي، جا تاريخي ماڳ ماضيءَ جو هڪ تمام خوشحال شھر سنڌو دريا ڪناري بندر جي ملڪيت سبب وڏو واپاري مرڪز پڻ رهيو آھي، هتان ئي سنڌو دريا سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، هي ماڳ هندو مذهب جو هڪ اهم ترين قلعو ۽ مرڪز جي حيثيث سان پڻ تاريخ ۾ اهم جڳهھ والاري ٿو، جتان ديبل جي قلعي تي محمد بن قاسم “منجنيقن” سان وڏن پٿر اڇلائي حملو ڪري قلعي اندر موجود اهو مذهبي عقيدي جو اهڃاڻ جهنڊو ڪيرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو، جنهن جي موجودگي ۾ عقيدي موجب ته ڪابه قوت کين شڪست نٿي ڏئي سگهي ۽ مهاراجا ڏاهر جي سلطنت جي هن اهم حصي تي قبضو ڪيو ويو، جنهن قلعي جا آثار اڄ به زبون ترين حالت ۾ موجود آھن.

هي اهو ئي شهر ڀنڀور آھي، جيڪو هن وقت گهاري لڳ آثار قديمه جي صورت ۾ بي يارو مددگار بڻجي پنهجيون آخري نشانيون وڃائي رهيو آھي، جنهن جي ڪابه سارسنڀال ۽ سڌ نه پئي ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته هي ماڳ آثار قديمه ھئڻ ڪري مڪمل طرح حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ آھي، انڪري اهو بلڪل درست آھي، ڀنڀور ڪنهن به حوالي سان محفوظ ناهي، هتي مختلف وقتن تي کوٽائي بعد ملندڙ نوادرات جي ٻئي هنڌ منتقلي جا قصا به پراڻا آھن، پر ان سان گڏوگڏ سڀ کان اهم مسئلو هن تاريخي ماڳ جي زمين جي سنڀال نه ٿيڻ ڪري مختلف پاسن کان هتي جي زمينن تي غير سرڪاري ادارن طرفان قبضا ڪيا ويا آھن، ڀنڀور جو وجود برٽش جي دور ۾ رکيل زمين جي ايراضي 640 ايڪڙ ھئي، جنهن تي لينڊ مافيا گروپس طرفان روينيو عملدارن هٿان ڪوڙا ڪاغذ ٺھرائي قبضا ڪيا ويا آهن.

حيرت جي ڳالهھ ته ھن تاريخي ماڳ جي بچيل ايراضي جنهن جا ثبوت ميوزيم اندر موجود آھن، ان تي فقط پنجاب، بلوچستان، ڪي پي ڪي، سنڌ ۽ ھتان جي چونڊيل نمائندن جي پڻ جعلي ڪاغذن معرفت قبضا ٿي ويا آهن، سموري سنڌ اهڙي معلومات بعد حيرت جو اظهار ڪري ٿي ته ڪهڙي طرح ايتري اهم تاريخي ماڳ جا ڪوڙا ڪاغذ به ٺھن ٿا ۽ قبضا به ٿين ٿا، پر اها حقيت آھي ته جهڙي طرح ٺٽي ضلعي جي ڌرتي تي وک وک تي شھيدن جي رت جا نشان آھن، بلڪل اهڙي طرح ٺٽي ضلعي جي ڪابه ديھ ڪوڙن کاتن ۽ قبضن کان آجي ناهي رهي، ڇاڪاڻ ته جن ماڻھن کي انهن جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيو ويو آھي، انهن ئي ڪوڙا ڪاغذ ٺھرائي ڀنڀور جي تاريخي حقيقت کان انڪار ڪري ذاتي ملڪيت ھجڻ بهتر سمجهيو آھي.

ڀنڀور جي آثارن جي سنڀال به ديواني جي خواب وانگر آھي، گهارو ڪريڪ کان کاروپاڻي سم جي صورت ۾ هر روز آثار قديمه کي نيست ڪري رهيو آھي ۽ ڪابه پلاننگ ۽  عملي ڪم ناهي، ها ماضيءَ ۾ عبدالقادر منگي اڳوڻي ايس ڊي ايم گهارو ڀنڀور عالمي سيمينار ڪرائي جيڪي سموري دنيا جي ماهرن جون رٿون گڏ ڪيون هيون، انهن تي اڄ تائين ڪوبه عمل نه ٿي سگهيو آھي، گذريل پ پ جي دور ۾ هڪ ڪانفرنس ڪرائي وئي هئي، جنهن ۾ چونڊيل نمائندن قائم علي شاھ ان وقت جي ثقافت کاتي جي وزير سسئي پليجو سڄي ڀنڀور کي چارديواري ڏيارڻ جو اعلان ڪيو هو، پر اهو اعلان به اعلان ئي رهجي ويو ان تي اڄ تائين ڪوبه عمل نه ٿي سگهيو،

هڪ پاسي اٽلي کان آيل ماهر ڀنڀور جي کوٽائي ڪري رهيا آھن ته ٻئي پاسي لينڊ مافيا تاريخي ماڳ ڳڙڪائي رهي آھي، ضروري آھي ته ڀنڀور کي تحفظ ڏيڻ لاءِ جناب چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڻ هن تاريخي ماڳ کي وزٽ ڪري يا ٻئي صورت ۾ سيشن جج ٺٽو جي معرفت ڀنڀور جي وزٽ ڪرائي ٿيل قبضي تي پنهنجي نگرانيءَ هيٺ هڪ ڪميٽي مقرر ڪري سمورا تفصيل گڏ ڪري لينڊ مافيا گروپس ۽ سندن سهولتڪارن خلاف سخت قانوني ايڪشن کڻي ماضي ۾ گم ٿيل نوردات ميوزيم ۾ موجود سميت هلندڙ کوٽائي دوران ملندڙ نوردات جي تحفظ جو بندوبست ڪرڻ سان گڏوگڏ مسمار ٿيندڙ آثارن جي بحاليءَ لاءِ سخت احڪام جاري ڪرڻ سميت مڪمل قبضا ختم ڪرائي چوديواري جو بندوبست ڪرائين ته جئين ڀنڀور جي آسپاس ۾ موجود ٻين تاريخي جڳهن کي تحفظ ملي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.