ڊجيٽل خطرا ؛پنهنجو آن لائن تحفظ ڪيئن ممڪن بڻائجي؟

محمد فاروق

اڄوڪي هن ڊجيٽل دور ۾ هر عمر جو فرد بشمول سماجي رابطن،سرڪاري مامرن،آن لائن شاپنگ،مالياتي ڏيتي ليتي ۽ براجچ ليس بينڪنگ وغيره جهڙن مخلتف مقصدن جي لاءِ انٽرنيٽ تي گهڻو ڀاڙيو ٿو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو اسين پنهنجي روزمره جي زندگيءَ ۾ هن ٽيڪنالوجي مان ڀرپور فائدو وٺي رهيا آهيون.ان سلسلي ۾ سائبر ڪرائم جا عادي فردن جي سرگرمين جي حوالي سان هوشيار رهڻ بيحد ضروري آهي،روايتي ڏوهارين جي ابتڙ سائبر ڪرائم جا ڏوهاري دوکي ڏيڻ، جعلي ويب سائيٽس، هيڪنگ، ٽينيڪي ڪمزورين مان فائدو حاصل ڪرڻ يا انٽرنيٽ، موبائل ڪمپنين، بينڪن يا قانون لاڳو ڪندڙ ادران جهڙن مشهور ادارن جي نقالي ڪرڻ جهڙا طريقا اڪثر استعمال ڪن ٿا.روايتي ڏوهن جيان سائبر ڪرائم به اسان جي زندگين ۽ مالياتي معاملن تي تباه ڪن اثر وجهي سگهن ٿا.

بدقسمتي سان پاڪستان آن لائن صارفين جيڪي ٽيڪنالوجي سان گڏوگڏ ترقي ڏانهن وڌي رهيا آهن، انهن کي آن لائن ڏوهن جي حوالي سان پيش ايندڙ چيلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.مثال طور هراسان ڪرڻ.سائبر اسٽاڪنگ ۽ ڀتي خوري جهڙن مقصد جي لاءِ جعلي آڊيو ۽ وڊيو مواد ٺاهي دوکي ڏيڻ جي لاءِ مصنوعي ذهانت(آرٽيفيشل انٽيليجنس) جواستعمال ڪرڻ آهي.وڌيڪ اهو ته دوکي ڏيڻ بابت ٻڌل اي ڪامرس ويب سائيٽس ۽ غيرقانوني لون ايپس به موجود آهن جيڪي ضرورتمند صارفين کي آسان ۽ فوري قرض جي آڇ ذريعي انهن کي هراسان ڪرڻ،بليڪ ميل ڪرڻ ۽ واپسي جي لاءِ ڀتو وصول ڪرڻ جي لاءِ، انهن جو استعمال ڪندي نظر اينديون  آهن.جيتوڻيڪ لاڳاپيل ادارا جهڙو سرڪاري ادارا پنهنجي عوامي سهڪار جي پروگرامن جي لاءِ بينڪ وغيره پنهنجي صارفين جي لاءِ باقاعده آگاهي مهم هلائيندا آهن ته جئين عوام کي آگاه ڪري سگهجي ته اهي پنهنجي ڪنهن قسم جي ذاتي معلومات يعني قومي سڃاڻپ ڪارڊ جو تفصيل، او پي ٽي پي،بينڪنگ ايپ بابت معلومات ۽ تفصيل وغيره بلڪل به شيئر نه ڪن.بهرحال عوام ڪڏهن ڪڏهن ڊجيٽل فراڊ،جعلي انعامي اسڪيمن، آسان قرضن ۽ غيرقانوني ويب سائيٽس يا ايپس جو شڪار ٿي وڃي ٿو.اڄ جي هن ڊجيٽل دور ۾ انٽرنيٽ جو محفوظ استعمال بيحد ضروري آهي ته جيئن ڊجيٽل فراڊ کان بچڻ جي لاءِ هيٺ ڄاڻايل بنيادي قدم کڻي سگهجن ٿا.

آگاهي؛ پنهنجي ۽ ٻين جي مختلف قسم جي ڊجيٽل فراڊ کان بچڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرون کان ضرور آگاه رهو ته جئين امڪاني خطرن کان بروقت سڃاڻپ ۽ بچاءُ ممڪن ٿي سگهي.عوامي رهنمائي جي لاءِ پپي ٽي اي ۽ لاڳاپيل وزارتن پاران آگاهي مهم جي شروعات ڪئي وئي آهي.ان جا سوشل ميڊيا اڪائونٽس يا چينل سبسڪرائب ڪرڻ فوري طور تي اپڊيٽ ٿيل آگاهي مواد حاصل ڪرڻ ۾ گهڻو مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.تازي ترين معلومات ۽ لاڳاپيل رهمنائي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پي ٽي اي جي هيٺ ڄاڻايل سوشل ميڊيا اڪائونٽس، پيج کي سبسڪرائب ۽ فالو ڪري سگهجي ٿو ؛

ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر جو نالو ڄاتو ويندو آهي) يوٽيون، فيس بڪ. ٽڪ ٽاڪ ؛ايٽ دي ريٽ PTAofficialpk..

ذاتي معلومات؛ ڪنهن سان به ذاتي تفصيل،پاس ورڊ، او پي ٽي پي، پن وغيره شيئر ڪرڻ کان پاسو ڪريو ۽ پاس ورڊ، ذاتي تفصيل ڪنهن ٻئي شخص جي ڊوائيس تي محفوظ ڪرڻ کان به پاسو ڪريو.ڪوڪيز؛ ويب سائٽس تي ڪوڪيز کي قبول ڪرڻ کان هوشيار رهو ڇاڪاڻ جو اهي صارف جي نجي معلومات ظاهر ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿي.تنهنڪري ڊيٽا مائننگ ويب سائيٽس سان نجي معلومات محفوظ رکڻ جي لاءِ ان کي رد ڪرڻ بهتر آهي.

محفوظ پاس ورڊ؛ پنهنجي هر آن لائن اڪائونٽس جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 8 حرفن يا اکرن عددي (الفانيوميرڪ) پاس ورڊ جو مجموعو ترتيب ڏيو،جنهن ۾ ننڍا وڏا حرف،انگن ۽ خصوصي حرف لازمي شامل هجن.پاس ورڊ کي بار بار تبديل ڪرڻ پڻ هڪ بهترين عمل آهي.ٻن عنصرن (ٽوفيڪٽر) توثيق کي فعال ڪرڻ ؛ جيڪڏهن موجود هجي ته ٽوفيڪٽر تصديق کي فعال ڪريو،هي اوهان جي پاس ورڊ کانسواءِ سڃاڻپ جي ٻي شڪل،جيئن اوهان جي فون يا اي ميل تي موڪليل ڪوڊ جي گهرجن جي ذريعي سيڪيورٽي جو هڪ اضافي دائرو آهي.

اي ميلز يا پيغام ؛ غيرمنقوله اي ميلز يا پيغام کان هوشيار رهوجيڪي ذاتي معلومات جي درخواست ڪندا آهن يا ڪلڪ ڪرڻ جي لاءِ لنڪس تي ٻڌل هوندا آهن،ڪنهن به لنڪ تي ڪلڪ ڪرڻ يا ڪنهن به معلومات ڏيڻ کان اڳ سامهون واري جي سڃاڻپ جي تصديق لازمي ڪريو.اينٽي وائرس سافٽ ويئر؛ ڪنهن به مال ويئر جي پتي لڳائڻ ۽ ان کي هٽائڻ جي لاءِ پنهنجي آلات (ڊوائيسز) تي مشهور، ملڪيتي، اينٽي وائرس سافٽ ويئر انسٽال ڪريو.

سافٽ ويئر اپ ڊيٽس ؛ پنهنجي ڪمپيوٽر آپريٽنگ آپريٽنگ سسٽم،ويب برائوزر، اينڊ رائيڊ ۽ آءِ ايس او سافٽ ويئر جي لاءِ صرف مستند ذريعي تازي اپڊيٽس ۽ سيڪيورٽي پيج کي انسٽال ڪريو. ان سان توهان کي معلوم ڪوتاهين ۽ استحصال کان بچاءُ ۾ مدد ملندي.اڪائونٽس جي نگراني ڪريو؛ ڪنهن به غيرمجاز ڏيتي ليتي يا غيرمجاز رسائي جي لاءِ اي ميل آءِ ڊيز جي لاءِ پنهنجي بينڪ ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ اسٽيٽ منٽس جو باقاعدگي سان جائزو وٺندا رهو.پنهنجي ڪائونٽس تي ڪنهن غيرمعمولي سرگرمي جي لاءِ الرٽس فعال ڪريو.

پاڻ کي آن لائن خطرن کان محفوظ رکڻ ۽ سائبر ڪرائم جي ڏهارين جي شڪار ٿيڻ کان بچڻ جي لاءِ احتياطي قدم کڻڻ ضروري آهي.پي ٽي اي غيرقانوني آن لائن مواد کي هٽائڻ ۽ بلاگنگ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. آن لائن دوکي جهڙن واقعن جي صورت ۾ قانوني ڪارروائي جي لاءِ متاثرين فوري طور تي واقعي جو اطلاع ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ کي ڪن ته جئين انهن جي شڪايتن جو ازالو ممڪن ٿي سگهي.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.