خيبر پختون خواهه جي دوري بعد پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ۾ اختلافن جون خبرون سوشل ميڊيا سميت اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ سرفهرست آھن جڏهن ته خيبرپختون خواه ۾ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران جلسي جي خطاب ۾ اهي لفظ واضع چيل آھن ته بزرگن کي گهرجي ته نوجوان قيادت کي موقعا ڏنا وڃن جيئن ملڪ جا معاملا حل ٿي سگهن ڏٺو وڃي ته اڳوڻو صدر پ پ پ پ چيئرمين آصف علي زرداري ملڪي سياست جي هڪ قدآور شخص آھي جنهن جا تقريبن يارهن سال جيل ۾ گذريا ھئا پر اها به هڪ حقيقت آھي ته مرڪز ۾ پنج سال ۽ سنڌ ۾ لڳاتار پندرهن سال پ پ پ جي بادشاهي رهي آھي ان حساب سان ڏٺو وڃين ته اڳوڻو صدر جيل ۾ ته يارهن سال گذاريا پر اقتدار پندرمهن سال سنڀاليو آھي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اڳوڻي حڪومت پ پ پ جي هجي پر جيڪڏهن مرڪز ۾ مضبوط حڪومت پ پ پ جي نه ٺھي سگهي ته سنڌ ۾ ته ضرور ٺھندي پر سنڌ ۾ مضبوط حڪومت تڏهن ئي ٺھي سگهي ٿي جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي پاران نوان چھرا ميدان ۾ لاٿا ويندا .
سوچڻ جي هي ڳالھه به آھي ته بلاول ڀٽو زرداري ڪافي حد تائين سٺو سوچي رهيو آھي ۽ وڏن کان به اهائي گهر ڪري رهيو آھي ته کيس پارٽي متعلق پاڻ فيصلا ڪرڻ ڏنا وڃن ۽ موجوده حالتن ۾ صدر آصف علي زرداري کي پڻ ان طرف ڌيان ڏئي سنجيدگي سان سوچڻ جي ضرورت آھي،
پر صدر آصف علي زرداريءَ هڪ نجي چينل کي انٽرويو ڏيندي اهو موقف اختيار ڪيو آھي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڃان ميچوئر نه ٿيو آھي اهو چوڻ درست ناهي ۽ ان جملي جا بلاول ڀٽو زرداري جي سياست تي منفي اثر پئجي سگهن ٿا پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اوچتو دبئي روانو ٿيڻ به هڪ سوال آھي.
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ٿري پيز ۽ فور پيز جو فرق ٻڌايو ۽ چيو ته پيءُ پيءُ هوندو آهي ۽ پٽ پٽ ھوندو آھي هڪ نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته پ پ اليڪشن وڙهندي ۽ ان جي ٽڪيٽ جاري ڪرڻ جا اختيار بلاول وٽ نه پر مون وٽ آهن، بلال کي به جيڪا ٽڪيٽ جاري ٿيندي ان تي به صحيح منهنجي هوندي آصف علي زرداري جي انٽرويو جي ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ايڪس (ٽوِئيٽر) تي پنهنجي پروفائيل تبديل ڪري ڇڏيو ۽ نئين تصوير جيڪا پهرين پروفائيل تصوير هئي جنهن ۾ محترمه بينظير ڀٽو کي بلاول جي ڪلهن تي هٿ رکي مرڪندي ڏسي سگھجي ٿو ۽ ڄڻ ته بلاول ڀٽو ڪنهن کي اهو پيغام ڏئي رهيو آھي ته منهنجي ماءُ مون سان گڏ آهي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري دبئي پڻ روانو ٿي ويو آھي ۽ آصف زرداري جي انٽرويو جي ڪجهھ ڪلاڪن کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري جو دبئي روانو ٿيڻ سواليه نشان آهي جنهن متعلق سوشل ميڊيا تي بحث پڻ شروع ٿي ويو آهي.
جڏهن ته آصف علي زرداري پاڪستان جي سياست جي هڪ قدآور شخصيت هوندي پنهنجي ئي جانشين جي نالي اهي لفظ نٿا سونهن جيڪڏهن ائين ڪري چئي هان ته بلاول سياست ۾ نئون آھي ۽ ساڻس صلاح ۾
مصلحت بعد قدم کڻندو آھي ته اهو وڌيڪ بهتر ۽ سگهارو جملو هجي ها پر چوندا آھن ته سياست ۾ ڪا به شئي آخري ناهي هوندي. جڏهن اڳوڻو صدر آصف علي زرداري نجي چئنل کي اهو به چوندي ٻڌو ويو آھي ته پارٽيون ٻه آھن هڪ پ پ پ ۽ ٻي پ پ پ پ يعني هڪ پاڪستان پيپلز پارٽي جنهن جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آھي ٻي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي پارلياماني ۽ آخر زرداري صاحب ٻن پارٽين جو ذڪر آخر ڇو ڪيو آھي
سوچڻ جي ڳالھه ھيءَ به آھي ته ميڊيا جي مختلف ذريعن تي هلندڙ افواهه حقيقت تي ٻڌل ته ناهي ۽ ڇا پيءُ ۽ پٽ جا سياسي رستا الڳ ته نه ٿي چڪا آھن ۽ ڇا هن ڀيري 2024ع واري اليڪشن ۾ اليڪشن ڪميشن پاران جاري ٿيندڙ بيلٽ پيپر ۾ ڪٿي تير ۽ تلوار جا نشان ٻئي شامل ته نه ٿيندا ؟۽ اهو به هڪ سوال آھي ته ڇا پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين هڪ ٻئي جي آمهون سامهون مد مقابل ٿي ته نه بيهنديون ؟
بهرحال آصف علي زرداري کي دانشمندي سان فيصلا ڪرڻ گهرجن ته جيئن بلاول ڀٽو زرداري کي چونڊ مهم کان چونڊ نتيجن تائين مشڪلاتن کي حوصلي سان منهن ڏيڻ ۾ ھمت ملي ٻي صورت ۾ ڪٿي پندرهن سالن واري ڪارڪردگي جو نتيجو نه سامهون اچي هاڻي ڏسجي ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري ٽي ۽ چار پ جو فرق ختم ڪن ٿا يا هي چونڊون پاڪستان جي تاريخ جون يادگار چونڊون ثابت ٿينديون.