انھيءَ ۾ ڪو شڪ ناھي ته اسانجو عوام اڻ ڳڻين مسئلن جي ور چڙھيل آھي پر اھو به سچ آھي ته انھن مسئلن جو اڌ کان مٿي ذميوار به پاڻ عوام ئي آھي. جڏھن عقل، سوچ ۽ سمجهھ بجاءِ لالچ کان ڪم وٺبو ته پوءِ نتيجا به يقينن خراب ئي نڪرندا آھن ننڍڙو مثال ئي ڏسو ته ٻارڻ واريون ڪاٺيون سدائين مھانگيون ۽ ڪمند سستو يعني ڪاٺين جي ڀيٽ ۾ اڌ تي وڪامندو آھي ڇو ته ڪاٺيون غريب وٺندا آھن ۽ ڪمند سياستدان ۽ سرمائيدار پر عوام انھيءَ سڄي ھير ڦير ۽ خرد برد تي ڪڏھن به سوچ ويچار ناھي ڪئي ته آخر ساڻس اھڙو ورتاءُ ڇو ٿو ٿئي؟
مان ٿي سمجھايان اوھان کي ته ان جو سبب ڇا آھي. ”ھڪ ڀيري ھڪ سياستدان پوڙھي پورھيت وٽ ويو ۽ کيس ھزار روپيا ڏيندي چيائين چاچا ھن ڀيري ووٽ مون کي ڏجان، پورھيت چيس مون کي پئسا نه کپن پر تو کي ووٽ کپي ته مون کي ھڪ گڏھ وٺي ڏي. اڳواڻ کي ووٽ پيا کپن سو نڪري پيو گڏھ وٺڻ پر ڪٿي به کيس چاليهھ ھزار کان گھٽ گڏھ نه پي مليو. سو واپس اچي پورھيت کي چيائين ته مون کي مناسب ۽ گھٽ قيمت تي ڪٿي به گڏھ نه ملي سگھيو گڏھ گھٽ ۾ گھٽ به چاليهھ ھزار جو ھو مان گڏھ ته تو کي نٿو وٺي ڏئي سگھان البته ھي ھزار روپيا ڏئي سگھان ٿو. پورھيت چيس قبلا مون کي لڄي نه ڪر تنھنجي نظر ۾ منھنجي قيمت گڏھ کان به گھٽ آھي؟ جيڪڏھن گڏھ چاليهھ ھزارن کان گھٽ تي نٿو وڪامي ته پوءِ مان ڪيئن ۽ ڇو ھزار روپين تي وڪامي وڃان؟؟“
ھڪ ٻي ڳالھه به مشھور آھي ته ھڪ ھاري گڏھ کي ٻڌڻ لاءِ پاڙيسريءَ کان رسو وٺڻ ويو، پاڙيسريءَ چيس رسو ته ناھي باقي ھڪ ڪارائتي ترڪيب ٻڌايائن ٿو ان تي عمل ڪر ته ڪڏھن به رسي جي ضرورت نه پوندئي. ايئن ڪر جو گڏھ جي ويجھو وڃي اھڙي طرح حرڪت ڪر ڄڻ تون گڏھ جي ڳچيءَ ۾ رسي وجھي ڇڪي کيس ٿڙ سان ٻڌي رھيو آھين ايئن مظاھرو ڪري عمل ڪر پوءِ ڏس ته گڏھ ڪيڏانهن به نه ويندو. ھاريءَ پاڙيسريءَ جي ڳالھه تي عمل ڪندي اداڪاري ڪندي کيس رسي وجھي ڇڪي ٻڌي وڃي گھر سمھي پيو. ٻئي ڏينھن صبح جو ٻاھر نڪري ڏسي ته گڏھ جيئن جو تيئن اتي ئي بيٺو ھو ھاريءَ گڏھ کي ھڪل ڪري ڪم تي ھلڻ لاءِ وٺي وڃڻ چاھيو پر مجال آ جو گڏھ ھڪ وک به چري نيٺ ھاري وري پاڙيسري وٽ آيو ۽ چيائين ادا تو واري نصيحت ٻڌڻ تائين ته ٺيڪ ھئي پر ھاڻي موچڙن ۽ لٺين کانپوءِ به گڏھ چرڻ جو نالو ئي نٿو وٺي ھاڻي ڇا ڪيان؟؟
پاڙيسريءَ چيس وڃڻ کان پھرين تو سندس ڳچيءَ مان رسي کولي ھئس؟ ته ھاريءَ حيرت مان چيو ڪھڙي رسي؟ اھا ته مون اداڪاري ۾ ٻڌي ھئي ڪو سچ ۾ ٿوري ٻڌي ھئم، پاڙيسري چيس تنھنجي سوچ موجب ته رسي واقعي ناھي پر گڏھ جي عقل مطابق ته رسي ٻڌل آھي نه، ھاري واپس اچي وري رسي کولڻ جي اداڪاري ڪئي ته گڏھ بنا ڪنھن مزاحمت جي چپ چاپ ھاريءَ سان ھلڻ لڳو.
ٻنھي ننڍڙن قصن ۾ وڏي سمجھاڻي رکيل آھي جيڪڏھن اسانجو عوام به غلاميءَ جي رسيءَ ۾ ٻڌل رھندو ۽ ھر ڪوڙ، ھر اڻ پوري ٿيندڙ واعدي، ھر خيالي پلاءَ تي ڪنڌ جھڪايو پنھنجي حقن کان بي خبر رھندو يا وري ٽڪي پيسي جي مفادن ۽ ذاتي فائدن تي گڏھ جي قيمت کان به گھٽ پيسن تي وڪامندو رھندو ته پوءِ مسئلن، مشڪلن، مونجھارن ۽ مصيبتن مان ڪڏھن به ڪو نه نڪرندو، خصيص شين لاءِ پنھنجو ضمير نه وڪڻو پنھنجي ٻچن کي جھالت جون رسيون ٻڌي غلام گڏھ نه بڻايو کين علم ۽ شعور ڏيو ضمير جي سجاڳي سيکاريو غريب جي ٻار جي ھٿ ۾ قلم ھر امير وڏيري سياستدان ۽ سرمائيدار لاءِ خطرناڪ ھٿيار ھوندو آھي پنھنجي نسلن کي علم سان آراستا ڪيو کين حق ۽ اختيار وٺڻ جي سگهھ ۽ سچائيءَ سان سنواري ڳچيءَ ۾ ٻڌل ڳٽ ۽ رسيون لاھي پاڻ کي آجپي ۽ عزت جي جيون گھارڻ جي لائق بنائي بار بار گڏھ جي قيمت کان به گھٽ اگھه تي وڪامڻ واري ذلت کان بچايو.