راولپنڊي ( م ڊ ) اڊيالا جيل ٻاهران اڻڄاتل ماڻهن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي گاڏي جو گهيرو ڪري ورتو. جتي غير شرعي نڪاح جا نعرا هنيا ويا. ان موقعي تي عمران خان جي ڀيڻ عليما خان ۽ نورين بي بي به گاڏي ۾ موجود هيون. اڊيالا جيل جي دروازي تائين اڻڄاتل ماڻهن بشريٰ بي بي جي گاڏي جو پيڇوڪيو. ٻي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب راولپنڊي جي اڊيالا جيل ٻاهران پيش آيل واقعي جي مذمت ڪئي آهي. هن پڇاڻو ڪيو ته پوليس ڪيڏانهن وئي هئي جيڪا پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار هوندي آهي؟ پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل وڌيڪ چيو ته لڳي ٿو ته ان واقعي پٺيان پنجاب پوليس ۽ پنجاب انتظاميا جو هٿ آهي.
بشريٰ بي بي ۽ خاور مانيڪا ۾ صلح لاءِ ڳالهيون شروع
اسلام آباد ( عوامي آواز نيوز) خاور مانيڪا ۽ بشريٰ بي بي ۾ صلح لاءِ ڳجهه ڳوهه ۾ ڪوششون شروع ٿي ويون آهن، نامياري صحافي راجا عاطف ذوالفقار جو چوڻ آهي ته بشريٰ بي بي ۽ خاور مانيڪا ۾ ڪيسن مان جان ڇڏائجي ۽ مال به بچائجي واري بنياد تي صلح جون ڳجهه ڳوهه ۾ سرگرميون شروع ٿي ويون آهن، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف عدت ۾ نڪاح وارو ڪيس درخواست گذار طرفان واپس وٺڻ ۽ ان کانپوءِ خاور مانيڪا جو عدالت پهچڻ اهم اشارا آهن، ڇو ته اڳ وارو درخواست گذار سڌو متاثر نه هئو جڏهن ته خاور مانيڪا سڌو متاثر آهي. هاڻي جيڪڏهن بشريٰ بي بي عدالت ۾ بيان ڏنو ته کيس ورغلائي مجبور ڪري عمران خان سان نڪاح ڪرايو ويو ته عمران خان ۽ زلفي بخاري خلاف سلطاني شاهد بڻجي ويندي. بشريٰ بي بي ڪيس مان بچي ويندي۽ خاور مانيڪا جي حق ۾ فيصلو اچي سگهي ٿو. نامياري صحافي سعيد چوڌري جو به چوڻ آهي ته خاور مانيڪا ۽ بشريٰ بي بي ۾ صلح لاءِ ٻنهي جي گهڻ گهرن طرفان ٽياڪڙي ڪئي پئي وڃي. ٻنهي ۾ صلح ٿي ويو ته عمران خان کان جيڪو گهر ۽ زمين بشريٰ بي بي لکائي ورتي آهي، اها به ان جي حوالي ٿي ويندي. شايد زمان پارڪ به بشريٰ بي بي کي عمران لکي ڏنو هو.