پشاور(م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ ايندڙ چونڊون عدليه جي نگراني ۾ ڪرائڻ جي پي ٽي آءِ جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي، هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ايندڙ عام چونڊون عدليه جي نگرانيءَ ۾ ڪرائڻ لاءِ درخواست تي ٻُڌڻي ٿي. ايڊووڪيٽ جنرل ۽ درخواستگذار وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا،عدالت اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻُڌڻيءَ تي جواب طلب ڪيو ۽ ٻُڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
پاڪستان ۾ سمورن اقليتن کي برابريءَ جا حق حاصل آهن:انيق احمد
لاهور(م ڊ)مذهبي معاملن واري نگران وفاقي وزير انيق احمد چيو آهي ته بابا گروناڪ ديوجي ڪردار صوفياڻو هو، سندس ذات سمورن مذهبن جي ماڻهن لاءِ احترام جوڳي آهي، پاڪستان ۾ سمورن اقليتن کي برابريءَ جا حق حاصل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن ننڪانه صاحب ۾ گرونانڪ ديوجي 554هين جنم ڏڻ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته بابا گرونانڪ جو رڳو قول ئي نه پر ڪردار به صوفياڻو هو. اڄ اسان توحيد جي پرچار بابت گرونانڪ ديوجي کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا. سندس تعليمات عيوض هيٺئين طبقي جي ماڻهن کي پنهنجي اهميت جو احساس ٿيو ۽ هنن پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ ظالمن کي للڪاريو.
ننڍي ڄمار جي ڊرائيورن جو ڪرمنل رڪارڊ ٺاهڻ جو قدم عدالت ۾ چئلينج
لاهور(م ڊ) رانا سڪندر ايڊووڪيٽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پوليس گهٽ عمر جي ٻارن جو نالو ڪريمنل رڪارڊ ۾ شامل ڪري رهي آهي . ٽريفڪ چيف آفيسر عدالت ۾ بيان ڏنو هو ته گهٽ عمر ڊرائيورن جو نالو ڪريمنل رڪارڊ ۾ شامل نه ڪيو ويندو درخواست گذار استدعا ڪئي ته جن ٻارن جا سي آر او ۾ نالا شامل ڪيا ويا آهن انهن جا نالا خارج ڪيا وڃن .