سنڌ ۾ پوليس سرپرستي ۾ غير قانوني ڪم ٿي رهيا آهن، ڏوهن تي ضابطو آڻڻ گهرجي: نگران وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جو چوڻ آهي ته شهر جي ماڻهن کي ڦريو پيو وڃي، اهو برداشت جوڳو ناهي، صوبي ۾ پوليس جي سرپرستي ۾ غير قانوني ڪم ٿي رهيا  آهن. سنڌ جي نگران وڏي وزير جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال تي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران گهرو وزير، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. آءِ جي پوليس سنڌ رفعت مختار اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ دوران ٻڌايو ته امن امان جي مجموعي صورتحال بهتر آهي، غير قانوني پرڏيهين جي واپسي بهتر انداز ۾ ٿي رهي آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مقبول باقر چيو ته شهر ۾ پوليس جو ڪو به گشت ناهي، مون ڪٿي به پوليس چيڪنگ ناهي ڏٺي. هن چيو ته شهر جي عوام کي ڦريو پيو وڃي، اهو برداشت جوڳو ناهي، اسٽريٽ ڪرائم تي هر قيمت تي ضابطو آڻڻ گهرجي. ٻئي پاسي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته اسان هڪ اهڙي دنيا ۾ رهون ٿا جنهن ۾ اڪثر ڪاميابيون اڳواٽ ئي طئي ٿيل هونديون آهن پر اسان لاءِ اهو ياد رکڻ ضروري آهي ته اصل صلاحيت ڏکائين تي قابو پائڻ ۽ اختلافن کي ڀلائڻ ۾ آهي.جسٽس باقر چيو ته اسان جي خوش قسمتي آهي ته اسان اهڙن ماڻهن ۾ شامل آهيون جيڪي خاص ماڻهن لاءِ راندين جو ميدان سجائي سماج جي هڪ مائڪ-ڪوزم، هنر ۽ صلاحيتن جي نمائندگي ڪن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.