ڪراچي( رپورٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان سمورين سياسي پارٽين کي ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ نئون چارٽر آف ڊيموڪريسي ۽ چارٽر آف ايڪانومي ٺاهڻ جي دعوت ڏني آهي. اها ڳالهه پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهڙو سومر ڏينهن وقار مهدي ۽ عاجز ڌامراهه سان گڏ ميڊيا سيل بلاول هائوس بلاول هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪئي. هن چيو ته ملڪ کي معاشي طور تي مضبوط ڪرڻ لاءِ به ڪوششون ڪيون پيون وڃن، اها درست ڳالهه آهي پر جمهوريت کي ڪمزور نه ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته صدر آصف علي زرداري سياسي پارٽين سان ڳالهه ٻولهه لاءِ ڪميٽيون قائم ڪري ڇڏيون آهن. جيڪڏهن ڪنهن به پارٽي کي چونڊن ۾ اڪثريت نه ملي ته ملڪ ۾ اتحادي حڪومت ٺاهي ويندي، هن چيو ته ملڪ جي 65 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، بلاول ڀٽو زرداري نوجوانن جي اڪثريت کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽيءَ ۾ نوجوانن کي ووٽ ڏنو وڃي. ان موقعي تي سول سوسائٽي سان تعلق رکندڙ اقبال نوري، ارسلان خان، عروج فاطمه سميت وڏي انگ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.