ڪي پي جي ڪوهستان ۾ تصوير نيٽ تي اچڻ سبب ناري قتل

ڪوهستان(م ڊ) ڪوهستان ۾ تصوير وائرل ٿيڻ تي ناري قتل ٿي وئي آهي. جڏهن ته ڇوڪري کي پوليس حفاظت سان جيل اماڻي ڇڏيو آهي.  پاڪستان جي صوبي خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪوهستان ۾ هڪ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ڇوڪري کي قتل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته پوليس ڇوڪر کي حفاظتي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پوليس پنهنجي فرياد تي ڇوڪري جي قتل جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. پوليس موجب قتل جي الزام ۾ ڇوڪري جي پيءُ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڇوڪري جو چاچو اڃا تائين فرار آهي. واضح رهي ته ڪوهستان ضلعي ۾ اهڙي ئي هڪ ٻئي واقعي ۾ هڪ ڇوڪري ۽ ڇوڪرين جون تصويرون به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون هيون، جنهن تي پوليس ڇوڪري کي حفاظتي تحويل ۾ وٺي عدالت ۾ پيش ڪيو هو. ڇوڪريءَ عدالت ۾ بيان ڏنو ته کيس ڪو به خطرو ناهي، جنهن بعد کيس والدين سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏني وئي، پر ان واقعي ۾ جنهن ڇوڪرو جو نالو سامهون اچي رهيو آهي، اهو فرار ٿي ويو آهي. ڪوهستان ۾ اهڙن واقعن تي آواز اٿاريندڙ افضل ڪوهستاني به ڀاءُ سميت قتل ٿي چڪو آهي. هوڏانهن ڪوهستان ۾ تصويرون وائرل ٿيڻ تي غيرت جي نالي تي قتل ڪيل ناريءَ جي معاملي ۾ پوليس انڪشاف ڪيو آهي ته مقتول ناريءَ جي تصوير ايڊٽ ٿيل هئي. ڪولئي پالس جي ڊي پي او موجب خاندان جي وڏن جيڪي تصويرون ڏسي ناريءَ کي قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، اهي ايڊٽ ٿيل هيون، ڇوڪريءَ جي تصوير ايڊٽ ڪري ڇوڪرن سان گڏ لڳائي وئي هئي. پوليس موجب قتل جو واقعو ڪولئي پالس جي علائقي شريال ۾ پيش آيو، قتل جي الزام ۾ ناريءَ جي پيءَ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، چاچي ۽ ٻين سهولتڪارن جي ڳولا جاري آهي.هوڏانهن خيبر پختونخواهه جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ سيد ارشد حسين شاهه ڪوهستان ۾ مبينا طور جرڳي ۾ ناري جي قتل جو سخت نوٽيس وٺندي فوري طور انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.