اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) جي ايڇ ڪيو اندر ويٺل ڪجهه عنصر سينئر آفيسرن کي آرمي چيف جنرل عاصم منير خلاف ڀڙڪائي رهيا آهن، آرمي چيف خلاف پروپيگنڊا جو ٽوڙ ڪڍڻ لاءِ جي ايڇ ڪيو زور لڳائي رهيو آهي، صحافي سيد فيصل شڪيل چيو ته جيستائين 8 فيبروري تي چونڊن جو نوٽيفڪيشن جاري نٿو ٿئي تيستائين چوندن تي شڪ شبها برقرار رهندا، گهرو وزارت پاران جمع ڪرايل رپورٽ موجب قبائلي علائقن ۾ وڏين پارٽين کي دهشتگردن کان خطرو آهي، ان ۾ جي يو آءِ، مسلم ليگ ن ۽ اي اين پي شامل آهن، هن چيو ته آرمي چيف خلاف پروپيگنڊا ۾ اڳوڻا فوجي،ايڪس سروس مين سوسائٽي،اڳوڻا ويٽرن شامل آهن، عمران خان پراجيڪٽ سواليه نشان بڻجي ويو آهي، اهي ٽوئيٽر جو استعمال ڪن ٿا، سندن پروپيگنڊا جو نشانو جنرل چيف آف اسٽاف مقرر ٿيل ليفٽيننٽ جنرل اويس دستگير آهي، هن کي چيو پيو وڃي ته توهان آرمي چيف جي ڪن ۾ ڪا ڍنگ واري ڳالهه وجهو، فوج جي ساک بحال ڪرايو،
جج همايون دلاور اسپيشل جج سينٽرل 2 اسلام آباد مقرر
اسلام آباد ( م ڊ ) توشه خانه ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي سزا ٻڌائيندڙ جج همايون دلاور کي اسپيشل جج سينٽرل 2 اسلام آباد مقرر ڪيو ويو آهي. جج همايون دلاور جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جج همايون دلاور کي 3 سالن لاءِ اسپيشل جج سينٽرل مقرر ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته جج همايون دلاور جڊيشل ڪمپليڪس اسلام آباد ۾ فرض سرانجام ڏيندو. همايون دلاور اڄ کان اسپيشل جج سينٽرل 2 جا فرض سرانجام ڏيندو. ٻئي پاسي ذريعن موجب جڊيشل ڪمپليڪس ۾ اسپيشل جج سينٽرل 2 جو عدالتي ڪمرو تيار ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جج همايون دلاور ايف آءِ اي ۽ سائبر ڪرائم بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو.
لنڊن ۾ شهزاد اڪبر مبينا تيزاب حملي ۾ زخمي
لنڊن ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت دوران وزيراعظم عمران خان جي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر تي اڻڄاتل ماڻهن تيزاب سان حملو ڪيو. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ شهزاد اڪبر لکيو ته گذريل شام مون تي حملو ڪيو ويو، اڻڄاتل ماڻهن تيزاب اڇلايو، حملو انگلينڊ ۾ منهنجي رهائشگاهه تي ڪيو ويو جتي مان جلاوطني جي زندگي گذاري رهيو آهيان. هن جو چوڻ آهي ته پوليس ۽ ايمرجنسي سروس بروقت پهچي وئي، شڪر آهي منهنجي زال ۽ ٻار محفوظ رهيا پر آئون ڪجهه زخمي ٿيو آهيان. شهزاد اڪبر وڌيڪ لکيو ته منهنجي حالت خطري کان ٻاهر آهي ۽ مان اهڙن حملن کان نه ڊڄندس.