ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ پيپر ليڪ ڪرڻ خلاف راڻيپور ۾شاگردياڻيون، شاگرد رستن تي نڪري آيا

راڻيپور(رپورٽ:فياض حسين راڄپر ) سِنڌ ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ پيپر مبينا طور تي ليڪ ڪري وڪرو ٿيڻ خلاف راڻي پور جي نجي اداري مظهر مسلم ماڊل اسڪول جي سوين شاگردن، شاگردياڻين، والدين،  استادن ۽ سول سوسائٽي پاران ريلي اسڪول کان ريلي ڪڍي وئي، احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ريلي جي اڳواڻي اسڪول جي مالڪ انجنيئر غلام سرور ميمڻ،ڊاڪٽر الطاف ميمڻ، چئيرمين يوسي درازا شريف خواجه نظرالحق فاروقي، ڪائونسلر پير سيد فرزند شاھ، استاد بخت ڪلهوڙو، ايڊوڪيٽ عاشق لاڙڪ نير سولنگي، رابع مغل، انعم، صائمه، آسيه، عروج، ڪشف ڪائنات، حيا بتول ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، اڳواڻن چيو ته اسان جو هڪ مطالبو آھي ته ميرٽ جي لتاڙ بند ڪئي وڃي، ميڊيڪل جي بوگس انٽري ٽيسٽ جا نتيجا رد ڪري ايجنٽ مافياز کي وائکو ڪري کين سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، جڏھن ته ميرٽ جي لتاڙ ٿي آھي ۽ غريب شاگردن کان حق کسيو ويو آھي، ايم ڊي ڪيٽ جو پيپر آئوٽ ٿيڻ سبب غريب شاگرد پاس ٿي نه سگهيا آھن، جڏھن ته وقت کان اڳ پيپر آئوٽ ڪري ڪروڙين رپين جي هيرا ڦيري پڻ ڪئي وئي جيڪو غريب شاگردن جي مستقبل جي مٿان سڌو وار آھي، ڊائو يونيورسٽي ۽ ان جي انتظاميه خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، ھن ڀيري واري ٽيسٽ مطابق 170 کان مٿي کينل مارڪون وارن شاگرد ۽ شاگردياڻين کان ٻيھر ٽيسٽ ورتي وڃي ته سڀ اڇن ۽ ڪارن جي خبر پئجي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.