حيدرآباد (پ ر) سنڌ هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، مرڪزي اڳوڻ رام ڪولهي، علي نواز ڏاهري ۽ علي نواز عالماڻي چيو آهي ته هن وقت ڀاڻ ڊيلرن ۽ سيٺين ضلعي انتظاميا کي وڏيون رشوتون ڏئي زرعي ڀاڻ مارڪيٽ مان غائب ڪري بليڪ تي وڪرو ڪري رهيا آهن. جنهن ڪري غريب هارين ۽ ننڍن آبادگارن کي تمام گهڻو نقصان پيو ٿئي. هنن مطالبو ڪيو آهي ته ڀاڻ جي بليڪ تي وڪري جو نوٽس وٺي سنڌ جي ضلعي عملدارن کان سخت پڇاڻو ڪيو وڃي. اڳواڻن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ڀاڻ جي بليڪ تي وڪري ۽ شگر ملن جو وقت تي پيڙهائي شروع نه ڪرڻ وارن هاري دشمن ۽ غيرقانوني عملن جو نوٽيس وٺي، ملن جي مالڪن کان سخت پڇاڻو ڪري.