ارڙهين ترميم سان هٿ چراند ڪئي وئي ته اهو قومي مسئلو بڻجي ويندو: عاجز ڌامراهه

ڪراچي(رپورٽر)  پ پ اڳواڻن عاجز ڌامراهه ۽ شهلا رضا چيو آهي ته پ پ عوامي طاقت سان پوري ملڪ ۾موجود آهي،جيڪڏهن ارڙهين ترميم سان هٿ چراند ڪئي وئي ته قومي معاملو بڻجي ويندو، ڪراچي پريس  ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته پ پ جو يوم تاسيس ڪوئٽا ۾ملهايو ويندو، جتي تاريخي جلسو ٿيندو،هنن چيو ته اليڪشن ويجهو ٿيندي ئي ڪجهه ماڻهن کي وطن سان محبت ٿي وئي آهي، هاڻي ووٽ کي عزت ڏيو جي نعري بدران صرف مون کي عزت ڏيو جا نعرا لڳايا پياوڃن، هنن چيو ته خدشو آهي ته اقتدار لاءِ ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي تي ڪمپرومائيز ڪيو ويندو، ووٽ تي ڌاڙو هنيو ويو ته ملڪ ۾ وڏي تحريڪ شروع ٿي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.