ڪراچي(م ڊ) متحده قومي موومينٽ 18هين ترميم ۾ ترميم جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي.ايم ڪيو ايم ذريعن موجب ايم ڪيو ايم عام چونڊن کان اڳ سياسي پارٽين کي متفق ڪرڻ لاءِ 18هين ترميم جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي.ايم ڪيو ايم ذريعن موجب اڄ ٿيندڙ خودمختياري ۽ آئيني ذميواري جي موضوع تي سيمينار ۾ مسودو پيش ڪيو ويندو.متحده ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم سمورين پارٽين کي پنهنجون تجويزون پيش ڪندي، ان حوالي سان سياسي پارٽين کي سيمينار ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي، هيٺين سطح تائين اختيارن جي منتقلي ضروري آهي.ايم ڪيو ايم جي ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبائي حڪومت کي ڏنل اختيار رڳو وزيراعليٰ هائوس تائين محدود ٿي ويا آهن،چونڊن کانپوءِ بڻجندڙ قومي اسيمبلي ۾ ارڙهين ترميم ۾ تبديلي بابت قرارداد منظور ڪرائي ويندي،