2018ع ۾ بلوچستان جي وڏي پارٽي بڻايل بي اي پي ٽڪرا ٽڪرا ٿي وئي

ڪوئيٽا(م ڊ) نواز دور ۾ بي اعتمادي ذريعي صوبائي حڪومت ختم ڪري نئين جوڙايل  پارٽي بلوچستان عوام پارِٽي ( بي اي پي، باپ) 2018ع ۾ ته اڪثريت حاصل ڪري وڏ وزارت حاصل ڪئي هئي، اها هاڻ ٽڪرا ٽڪرا ٿي وئي آهي. بلوچستان عوامي پارٽي جا 8 اڳوڻا اسيمبلي ميمبر مسلم ليگ ن ۽ ٻه پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويا آهن. هاڻي صالح ڀوتاڻي جي اڳواڻي ۾ صرف 13 اڳوڻا ايم پي اي وڃي بچيا. ياد رهي ته 25 جولاءِ 2018ع جي عام چونڊن ۾ بلوچستان اسيمبلي جي 64 سيٽن مان بي اي پي 24 سيٽن سان پهرين نمبر تي هئي، جڏهن ته ايم ايم اي 11 سيٽن سان ٻئي ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) 10 سيٽن سان ٽئين نمبر تي هئي.

اسٽيبلشمينٽ پهه ڪيو آهي ته سياست ۾ مداخلت نه ڪندي: احسن اقبال

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ احسن اقبال جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ  فيصلو ڪيو آهي ته هاڻي سياست ۾ مداخلت نه ڪندي. پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي خلاف سازش ڪئي، هاڻي ليول پلئنگ فيلڊ جو مطالبو ڪري رهيا آهيون. جيو نيوز جي پروگرام ”نئون پاڪستان“ ۾ ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته سي پيڪ منصوبو 2018ع ۾ اناڙي کي ٿاڦي ملڪ کي معاشي طورَ تباهه ڪيو ويو. 2018ع واري سازش کانپوءِ منصوبي تحت پاڪستان کي معاشي طور تباهه ڪيو ويو. احسن اقبال چيو ته 2014ع ۾ پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ جي واقعن جو احتساب نه ٿئي ها، 9 مئي وارو واقعو نه ٿئي ها، پي ٽي آءِ هن وقت ليول پلينگ فيلڊ جو شڪار ناهي، پي ٽي آءِ پاڪستان جي رياستي ادارن سان ٽڪرائجي وئي آهي. جيڪو به لال لڪير ڪراس ڪري، ان کي سزا ملڻ گهرجي. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته نوازشريف اهڙو پاليسي بيان ڏنو ته هو انهن کي معاف ڪري ٿو جن ساڻس خراب ڪئي آهي. مخالف ڌر ۾ ويٺلن کي به تسليم ڪيو ويندو.

ميانمار ۾ ويڙهه سبب 3 لک 35 هزار ماڻهو بي گهر ٿيا آهن: گڏيل قومون

ٽوڪيو_26 نومبر(اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته ميانمار ۾ ويڙه سبب وڌيڪ 3 لک  35 هزار ماڻهو بي گهر ٿيا آهن ، ميڊيا رپورٽن موجب آڪٽوبر جي آخر ۾ ميانمار مان اٽڪل 335،000 ماڻهو بي گهر ٿيا، ان وقت ٽن عسڪريت پسند گروپن  اوڀر رياست شان ۾ فوج تي وڏي پيماني تي حملا شروع ڪيا هئا، عسڪريت پسند گروپن پاران جارحاڻين ڪاروايون ڪيترن ئي رياستن تائين ڦهلجي چڪيون آهن،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.