سائين مشڪور ڦلڪاري جو هي ڪتاب سال 2017ع ۾ ريڊيو وائس آف لنڊن ، ورلڊ سنڌي ڪانگريس ۽ سنڌي سنگت ( يو ڪي ) وارن جي سهڪار سان ، سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو ورتو ويو آهي. هي ڪتاب لکڻ لاءِ ليکڪ سنڌ جي ڪوهستان وارن مختلف علائقن جا سفر ڪرڻ ، مقامي ماڻهن سان ڪچهريون ڪرڻ ۽ اڳ ۾ ٿيل تحقيق کي پڙهڻ کان پوءِ سرجيو آهي.
هن پنهنجي ڪتاب جي ارپنا هنن لفظن سان ڪئي آهي ته ؛ ” ڪوهستان جي مُحبت ، امن ، سخا ، سورهيائي ۽ فطرت دوستي جي نالي“ !. ليکڪ جي رولاڪين جي نتيجي ۽ سندس قلمي پورهيي تي ؛ امداد علي اوٺي ، يوسف شاهين ، هدايت ڀٽو ، گُل سنائي ، گُل حسن ڪلمتي ، نواز خان زنئور ۽ اعظم ڀٽيءَ پنهنجا ويچار ونڊيا آهن ۽ سڀني ليکڪ جي ڪم ۽ محنت جي واکاڻ ڪئي آهي.
ليکڪ پنهنجي هن ڪتاب کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو آهي . پهرئين حصي ۾ هن ؛ تواريخ جي اهميت ، سنڌ جي تواريخ ۽ محققن جون ذميواريون ، انساني ارتقا جي تواريخ بابت منجهائيندڙ سوال ، سنڌ جي ڪوهستان ۽ ارتقا جا اوائلي نشان ، ڪوهستان ۾ آيل شروعاتي موسمي دور ، ڪوهستان ۾ تهذيبي اِرتقا جي ڇهن دورن ۽ سنڌ جي ڪوهستان ۾ موجود سماجي جوڙجڪ جهڙن اهم موضوعن تي مختصر مضمون لکيا آهن. اهي مضمون ڪوهستان جي پسمنظر ، جيوگرافي ، جيولاجي ، آرڪيولوجي ، تواريخ ۽ اينٿروپولوجي کي سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. ان سان گڏ ڪتاب جي هن حصي ۾ ڪوهستان جي ڪجهه ماڳن مڪانن ۽ تواريخي جاين جون خوبصورت تصويرون پڻ ڏنيون ويون آهن.
هن ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ ليکڪ ڪوهستاني سماج ۾ تبديليءَ جي عنصرن ۽ خدشن تي لکيو آهي ، ان سان گڏ پنهنجي هن تحقيقي سفر دوران هو جن جن شخصيتن سان مليو آهي ، يا انهن وٽ رهيو آهي ۽ ڪچهريون ڪيون آهن ، تن جي زندگي ۽ ڪمن تي پڻ مختصر روشني وڌي اٿس. ڪوهستان بابت مٿي بيان ڪيل موضوعن جي ڄاڻ ڏيڻ کان پوءِ ليکڪ ، ڪوهستان جي ترقي لاءِ ڪجهه اهم سفارشون ڪيون آهن جن منجهان ڪجهه هتي ڏجن ٿيون؛
- هنگامي بنيادن تي ڪوهستان ۾ موجود اسڪولن کي آباد ڪيو وڃي.
- ڪوهستان ۾ ترت جديد سهولتن واريون اسپتالون قائم ڪيون وڃن .
- ڪوهستان ۾ زرعي تعليم جا مرڪز ۽ هٿ جي هنر وارا مرڪز قائم ڪيا وڃن .
- ڪوهستان ۾ ننڍا ننڍا ڊيم قائم ڪري ، برساتي پاڻي کي محفوظ ڪيو وڃي.
- ڪوهستان جي سمورن روڊن رستن ۽ پيچرن کي پڪو ڪيو وڃي.
- ڪوهستان ۾ ملندڙ قدرتي ٻوٽين جو تحقيقاتي مرڪز قائم ڪيو وڃي.
- ڪوهستان جي تاريخي ماڳن تي قديم آثارن واري کاتي کي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
- ڪوهستان جي تاريخ تي تحقيق ڪرڻ جا مرڪز قائم ڪيا وڃن.
- ڪوهستان منجهان ملندڙ قديم ۽ ناياب شين کي ، ڪوهستان ۾ ئي ڪو سٺو ميوزيم قائم ڪري ان ۾ رکيو وڃي.
- ڪوهستان جي ثقات کي دنيا جي ليول جي پذيرائي ڏيارڻ گهرجي.
- ڪوهستان جي جهنگلي جيوت جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.
مجموعي طور تي هي ڪتاب ڪوهستان جي ڄاڻ تي ٻڌل آهي ، جنهن ۾ مٿي بيان ڪيل سمورا موضوع اچي وڃن ٿا. ڪتاب جي آخر ۾ تيرهن انگريزي ۽ پنجاهه عدد سنڌي ڪتابن جا رڳو نالا لکيل آهن ، حوالا جديد نموني سان ڏنل ناهن ، ۽ نه ئي وري ڪنهن ڪتاب جو صفحو نمبر ڏنل آهي!.
ليکڪ پنهنجي هن ڪتاب ۾ انهن ستاويهه شخصيتن جا نالا به ڄاڻايا آهن ، جن کان هن روبرو ڄاڻ ورتي آهي يا وري فون ذريعي ڪچهري ڪري معلومات حاصل ڪئي آهي. آخر ۾ ليکڪ پنهنجي سفر ۾ شامل ساٿين ؛ سائين رسول بخش درس ، احمد خان پالاري ۽ اسماعيل باريچي جا نالا پڻ ڏنا آهن .
ٻه سئو چوويهه صفحن تي مشتمل هي ڪتاب پڙهڻ سان ، پڙهندڙ گهر ويٺي ڪوهستان بابت چڱي خاصي ڄاڻ حاصل ڪري سگهي ٿو.