جيئن جيئن پاڪستان ۾ چونڊن جي تاريخ ويجهو ايندي پئي وڃي تيئن تيئن آمريڪا جي دلچسپي پاڪستان ۾ وڌندي پئي وڃي. آمريڪا جون اهم شخصيتون جيل ۾ قيد قيدي نمبر 804 سان ۽ مخدوم شاهه محمود قريشي سان اهم ملاقاتون ڪيون آهن. دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ آمريڪا جو هونئن ته وڏو اثر رسوخ اڃان برقرار آهي. پر پاڪستان جيڪو خودمختيار ملڪ آهي ان مان آمريڪا هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار ڪونهي. جيتوڻيڪ پاڪستان آمريڪا جي بلاڪ مان ڄڻ ته نڪري چڪو آهي روس ۽ چين جي بلاڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پير پاتو آهي ڇاڪاڻ ته روس جي ٽٽڻ کان پوءِ پاڪستان آمريڪا جي بلاڪ ۾ اچي ويو هيو پر اڄ به پاڪستان مٿان آمريڪا جو وڏو اثر رسوخ موجود آهي.
گذريل هفتي آمريڪي ڪانگريس جي 11 ڄڻن جو وفد پاڪستان ۾ آئيني نظام جي بحالي ۽ صاف شفاف چونڊن جو ٿيڻ تائين آمريڪي پرڏيهي وزارت پاڪستان جي هر امداد روڪڻ جو مطالبو هڪ ڀيرو ٻيهر ورجايو ويو آهي. ان جو جواز ٻڌايو پيو وڃي ته پاڪستان انساني حقن جي لتاڙ ڪئي آهي. پر اصل ۾ آمريڪا تحريڪ انصاف ۽ پشتون تحفظ موومنٽ جي حمايت ۾ سرگرم بڻيل آهي. هن وقت پاڪستان ۽ آمريڪا هڪ ٻئي جي آڏو اچي بيٺا آهن ۽ پاڪستان جو بچاءُ صرف آمريڪي صدر جو بائيڊن جي صوابديدي اختيارن وسيلي ئي ممڪن آهي. هڪ مهينو اڳ هڪ آمريڪي ڪانگريس جي اهم اڳواڻ پاڪستان تي واضح ڪيو ته تحريڪ انصاف جي قيادت ۽ ڪارڪنن جي وٺ پڪڙ کي بند ڪيو وڃي ۽ ان همراهه آمريڪي ڪانگريس ۾ قرارداد پيش ڪئي ته پاڪستان جي امداد بند ڪئي وڃي. تعجب ڏيندڙ ڳالهه اها آهي ته 65 آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن مئي 2022 ۾ پڻ اهڙو مطالبو ورجايو هيو. تلخ حقيقت اها آهي ته 2018 ۾ ڊونلڊ ٽرمپ انتظاميا پاڪستان جي امداد بند ڪئي ويئي هئي جيڪا اڄ تائين سڄي طرح بحال نه ٿي سگهي آهي. پر آمريڪا پاڪستان ۾ برساتن جي تباهي لاءِ ڪجهه امداد ڏني هئي. ۽ آمريڪا پاران پاڪستان جي فوجي امداد اڄ تائين بند رکيون ويٺو آهي.
پاڻ اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته آمريڪا جي امداد پاڪستان لاءِ ڪيتري اهميت رکندڙ آهي. ڏٺو وڃي ته پاڪ آمريڪي لاڳاپن ۾ آمريڪي امداد جي وڏي اهميت رهي آهي. ان ۾ فوجي ۽ مالي امداد ٻئي هڪ جيتريون شامل آهن. آمريڪي ڪانگريس جي اڳواڻن پرڏيهي وزارت کي لکيل خط جي اهميت کي گهٽ ڪرڻ لاءِ صدر جو بائيڊن کي اختيار حاصل آهن. اهڙي طرح جهڙي طرح سعودي صحافي جمال خاشقنجي جي قتل واري معاملي ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان کي معاف ڪري ڇڏيو ۽ محمد بن سلمان تي قتل جو ڪيس هلائڻ لاءِ صدر جو بائيڊن تي پڻ وڏو دٻاءُ هيو. پر آمريڪي مفادن ان تي ڪنڌ جهڪايو.
آمريڪي صدر جوءِ بائيڊن جو پاڪستان جي نگران حڪومت تي وڏو دٻاءُ برقرار آهي. ڪانگريس اڳواڻن جو صدر جو بائيڊن تي دٻاءُ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي لاءِ ڏنل امداد کي گهٽ ڪيو وڃي جيستائين پاڪستان جو آئيني نظام بحال نه ٿو ٿئي ۽ آزاد ۽ صاف شفاف اليڪشن نه ٿي ٿئي. ڪانگريس اڳواڻن اهو به مطالبو ڪيو آهي ته سڀني سياسي جماعتن کي آزاد نموني اليڪشن ۾ حصو ڏنو وڃي. آمريڪي اڳواڻ مطالبو ڪيو آهي ته سياسي مخالفن ۽ ڪارڪنن کي هراسان نه ڪيو وڃي ۽ انهن جي گرفتارين تي پڻ ڳڻتي ظاهر ڪئي ويئي آهي. جنهن ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ ڪارڪن شامل آهن. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ هميشه پريس ڪانفرنس وسيلي واعدو ڪندو رهيو آهي ته اليڪشن صاف ۽ شفاف ٿيندي پر هن وقت عوام ۾ جيڪو مقبول ليڊر آهي اهو جيل ۾ بند آهي. ته پوءِ اليڪشن صاف ۽ شفاف ڪيئن ٿي سگهندي؟
بهرحال هن وقت ملڪ ۾ سياسي ويڙهه هلي رهي آهي پاڪستان جون 27 سياسي جماعتون هڪ جماعت کان خوف زده آهن ۽ اليڪشن کان ڀڄي رهيون آهن. ايندڙ سياسي سيٽ اپ ۾ پ پ جو اهم ڪردار هوندو. پ پ کان سواءِ ن ليگ جي وفاق ۾ حڪومت ٺهڻ ڏاڍو نه صرف مشڪل هوندي بلڪه ناممڪن به. آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي اوچتي دبئي روانگي بابت مخالفن جي ذهنن ۾ ڀلي ڪهڙا وهم ۽ خدشا جنم وٺندا هجن پر اصل ۾ دبئي ۾ ويهي ايندڙ اليڪشن بابت آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري ڪا منصوبابندي ڪري رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته ن ليگ سان حڪومت ۾ حصيداري لاءِ پ پ پنهنجي وزن کي اڃان به وزندار بنائڻ لاءِ پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان مان وڌيڪ سيٽون کڻڻ لاءِ وڏي منصوباندي ڪري رهي آهي. ن ليگ سڄي ملڪ مان 100 سيٽون به نه کڻي سگهندي. قومي حڪومت لاءِ آصف زرداري اهڙي گيم کيڏي رهيو آهي جيئن ن ليگن حڪومت 2 سال به نه هلي سگهي ۽ باقي حڪومت پ پ کي ملي ۽ بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو وزيراعظم بڻجي آصف زرداري جو خواب پورو ٿي وڃي.