ويڙهاڪ گروهن جي پٺڀرائي ڪندڙ ملڪ

تحرير: رياض ابڙو 

حوثي جماعت کي انصارالله به چئجي ٿو. جتي سني رياستون آهن اتي شيعا گروھ سرگرم رهندا ايندا آهن ۽ جتي جتي شيعت واريون رياستون آهن اتي سني گروھ ايڪٽو رهندا آهن. اهي اهڙا گروھ هوندا آهن جن جي ڪا به ظاهري حڪومت ناهي هوندي پر اهي حڪومتن مٿان دٻاءَ وجهي سگهندا آهن، حڪومتن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن. انهن گروهن جو ذڪر هتي ان ڪري به ڪرڻ ضروري آهي جو هاڻوڪي تناظر ۾ اسرائيلي ظلم کي روڪڻ جي لاءِ طالبان کڻي نه به لهن جن کي سعوديءَ جي ڀرپور پٺڀرائي به حاصل آهي، اهي سعودي ۽ آمريڪي ٻٽي پاليسيءَ جي ڪري جنگ جي ميدان ۾ نه ايندا، ۽ اهي هڪ الله اڪبر جي للڪار به نه ڏيندا ته جيئن اسرائيل ڪنهن ڊپ ۽ خوف ۾ مبتلا ٿئي.

دنيا پهرين ۽ ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ سرد جنگين جي وڪڙ ۾ اچي وئي هئي پر نائين اليون کانپوءِ دنيا وري ”پوسٽ سرد جنگين“ ۾ ڪاهي پئي آهي، جتي اڪاناميڪل وارز ۽ بايولاجيڪل وارز جا ميلا مچائي ڇڏيا اٿن. آمريڪا ۽ چين دنيا جي لاءِ انهن سرد جنگين جي ڪري ۽ اڪاناميڪل وارز جي غريب ماڻهن جو ساھ سڪائي ڇڏيو آهي ۽ روس جو پنهنجو ڏنڊو جهڪو نه ٿو ٿئي ۽ انساني حقن جو تنظيمون انهن جي ويٽو پاورز کان ڊنل آهن الائي انهن جي سپرپاوري جي آبياري ۾ انهن جون ٻانهن ٻيلي آهن جو پرامن دنيا بارود جي ڌپ ۾ ٻوساٽجي وئي آهي ۽ غريب ماڻهن جي لاءِ ساھ کڻڻ ڄڻ ڏکيو ٿي پيو آهي.ان ڪري آمريڪا جي اسرائيل تي ٿڦڪي رڳو ان ڏنگي ٻار وانگي آهي جنهن کي راضي ڪرڻ جي لاءِ گهر جا سڀ ڀاتي هر شرط مڃڻ جي لاءِ تيار هوندا آهن ۽ رڳو ان ڳالھه تي اچي بيهندا آهن ته اهو ڏنگو ٻار ڪنهن بهاني رڳو چپ ڪري. اسرائيل سان به ساڳي ڪار آهي ته هو اڪڙ جي باھ مڪڙ مان ٿا ڪڍن ۽ جيئن نازي ڪيمپ ۾ نڌڻڪا ۽ بي سروسامان ماريا ويا هيا، اها ئي ڪار هنن فلسطينن جي ڌرتي سان ڪئي آهي جن فلسطينين جي اهڙين بي سبب جنگين جي صورت اهي اسرائيلي نسل ڪشي پيا ڪن، جنهن ڳالھه جو ثبوت ”نيتن ياهو“ جي ان بيان مان واضع آهي ته ”اسان فلسطين سان نازي ڪيمپ وارو سلوڪ ڪنداسين“ايسٽ ويسٽ بينڪ کانپوءِ هنن جي اک غزا جي ٽُڪريءَ تي کتيل آهي ته اهي انهن فلسطينن کي اتان لڏائي اتي پنهنجي آبادي ممڪن ڪندا ۽ گريٽر اسرائيل جو خواب آمريڪا کي پورو ڪري ڏيکاريندا.

هونئن شروع کان ئي سي آءِ اي جي اها ئي ڪوشش رهندي آئي آهي ته سني رياستن کي شيعا رياستن سان ۽ شيعا رياستن کي سني رياستن سان ويڙهائجي ۽ اتي پنهنجون ايجنسيون سرگرم رکجن، ۽ اهو به ڏٺو ويو آهي ته اتي اتي سعودي عرب پاڪستان سميت اڳڀرو رهندو ايندو آهي جتي سني رياستن کي بچائڻيون هونديون اٿن. پر جتي جتي شيعا رياستن جو بچاءُ ڪرڻو هوندو اٿن اتي ايران ۽ روس جي پٺڀرائي ڏسڻ جوڳي هوندي آهي.ان ڪري اها لبيا هجي، بحرين هجي، يمن جا شيعا گروھ هجن، عراقي ڪرد ويڙها هجن، وٽان شيعا تنظيون هجن، انهن سڀني رياستي جهيڙن ۾ ايران ۽ سعوديءَ جا لڪل گروھ آمهون سامهون وڙهندي نظر ايندا. ان ڪري پهرين ۽ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ ملڪ پاڻمرادو لهي پوندا هيا پر سرد جنگين جي خاتمي تي هاڻوڪي پوسٽ سرد جنگين جي زماني ۾ هڪڙي ڳالھه ڏاڍي پختي ڏٺي وئي آهي ڪنهن به جنگ ۾ ملڪ پاڻ نه ٿا لهن پر پنهنجي جاءِ تي اهي گروھ ۽ اينٽي اسٽيٽ ايليمنيٽ ۽ نان اسٽيٽ ايڪٽرز لاهي جنگ مچائڻ ۾ اڳڀرا رهندا ايندا آهن. ائين ڪرڻ سان اها ڳالھه سمجهھ ۾ ايندي آهي ته هاڻي ٽين مهاڀاري لڙائي نه لڳندي ان ڪري ته ملڪ دوبدو نه ٿا وڙهن ۽ نه ڪي پنهنجون آفيشل فوجن لاهن ٿا، پر ان جاءِ تي اهي اهڙا گروھ لاهي انهن جي پٺڀرائي ڪندا ٿا رهن جنهن ۾ جنگ ڀلي مچي، ٺري پر اهي ملڪ آمهون سامهون نه ايندا پر اهي ملڪ انهن گروهن خاص ڪري اسلامي رياستن ۾ انهن گروهن جي پشت پناهي ڪندا ٿا رهن جيئن ”حوثي گروھ“ کي ايراني سپورٽ حاصل رهندي آئي آهي، اهو گروھ انهن سڀني جنگين ۾ حصو وٺي چڪو آهن جنهن جنهن ۾ ايراني پٺڀرائي، ايراني آڊيولاجي شامل رهندي ايندي آهي.ان ڏس ۾ جولاءِ 2017 ان گروھ سعودي عرب جي رياض جي هوائي اڏي تي ميزائيل فائر ڪري 11 شهري باشنده ماريا هيا، پر سعودي عرب پاڻ ۽ انهن سان گڏ انهن سڀني سني رياستن اک پٽي ۽ انهن حملن جو مهل سان جواب ڏئي جنگ روڪي ويا.

پر هاڻوڪي تناظر ۾ اسرائيل سڀني مسلمان ملڪن جو گڏيل دشمن آهي.ان ڪري ته اسان ڀلي اسرائيلي برانڊ استعمال ڪري انهن پيسن جي بدلي اسرائيلي رياست کي همٿائيندا به هجون پر ڳالھه اها به آهي ته ان معاملي تي سعودي اسٽيٽ جو اسرائيل جي خلاف ايترو جارحاڻو جواب ناهي جيترو نان اسٽيٽ ايڪٽرز جو دوبدو حملو، جواب ممڪن رهيو آهي.ان ڪري حماس جي پويان ڀلي سني اسٽيٽ هجن جن ۾ اردن، مصر ۽ ترڪي به لڪيل طور شامل ڪندا هجن ۽ سعودي جي سڌي سپورٽ به هجين پر هاڻي واري صورتحال ۾ حوثي گروھ (انصارالله) جو الله ڪارڻ لهي پوڻ وڏي ڳالھه آهي، ان ڪري ته اسرائيل ڪنهن هڪ ملڪ جي ڌمڪي سان هٿيار ڦٽا ڪو نه ڪندو جيستائين ان کي ان ڳالھه جو يقين ٿي پئي ته سي آءِ اي جيڪي به گروھ مسلمان ملڪن جي سني ۽ شيعا رياستن ۾ بي چيني ڦهلائڻ جي لاءِ استعمال ڪيا هيا اهي سڀ هاڻي اسرائيل ۽ آمريڪا جي ڳچي ۾ پوندا ۽ اهي سڀ يڪ مشت ٿي اسرائيل کي بارودن ۽ بمن سان جواب ڏيندا. 1967 واري جنگ اسرائيل کي ڦٻي وئي هئي جو هو جاءِ ولاري ويهي رهيا هيا ۽ ان کان اڳ 1948 ۾ اسرائيل اڌ کان به وڌيڪ فلسطيني آبادي کي ايسٽ ويسٽ بينڪ ۽ غزا جي اوڀارئين پٽي مان لڏائي انهن کي پنهنجي ڌرتي تي نڌڻڪو ڪري ڇڏيو هيو ۽ ڪو ٻڻڪ نه ڪڇيو هيو، مصر، سعودي ۽ اماراتي عرب پنهنجي گيس، تيل ۽ ڪڻڪ کپائڻ جي چڪر ۾ اهي سڀ لڳ لاڳاپا اسرائيل سان سڌا ڪري ويٺا هيا جو انهن کي پنهنجي آقا (آمريڪا) کي به منهن ڏيکارڻو هيو. ان ڪري ڳالھه اها به ماري ٿي ته سعودي ۽ اماراتي عرب چاهن ٿا ته اسرائيل دنيا جي نقشي تي اڀري ۽ دنيا، خاص اسلامي ملڪ ان کي مڃن. پر ائين ڪرڻ سان اسرائيل ايٽمي طاقت جو اعلان ڪري دنيا کي وائڙو به ڪري ڇڏيندو ۽ غيرعيسائي ملڪن جي لاءِ نئون جنگي عذاب کڻي ايندو جنهن ۾ اسلامي ملڪن جو جيئڻ جنجال ٿي ويندو ته پوءِ مسلمان اسرائيل جي جارحيت کي منهن ڪيئن ڏيندا؟ ان ڪري جو اسرائيلي ماڻهو هزار سالن جي پلاننگ ڪري جيئندا آهن،

ايران تي اهو الزام ڀلي هجي ته هاڻوڪي اسرائيلي جنگ ۾ ”حوثي گروھ“ کي لاهي هو پاڻ انهن جي مدد ڪندو رهندو. جڏهن ته حوثي تحريڪ 1990 واري ڏهاڪي ۾ ئي زور وٺي وئي هئي جو اڃان نائين اليون جو اڀار نه آيو هيو پر اهي تنظيمون سي آءِ اي جي آشرواد ۾ سرد جنگين جي مهڙ ۾ ئي اڀري آيون هيون جو سرد جنگيون 1945 کان ترت پوءِ اڀري آيون هيون جو دنيا ليگ آف نيشن جي چنبي مان نڪري يو اين او جي ڄار ۾ اچي ڦاٿي. پر اسرائيل ان ڳالھه تي به وائڙو آهي ته حماس کي انهن جي ڳجهن جاين ۽ اسلحي جي ٺڪاڻن جا انگ اکر ۽ خبرون ڪنهن ڏنيون جو حماس انهن جي ٺڪاڻن تي ميزائيل ٺوڪي ڇڏيا، هونئن ”حوثي گروھ“ جا ويڙها يمن جي سني رياست سان ٺهندا ئي ناهن ۽ سدائين انهن جي خلاف، رياست جي خلاف اڀا ٿي ويندا آهن پر هيل واري جنگ ۾ حماس، حزب الله، انصارالله (حوثي گروھ) کي پڏائي سگهجي ٿو.

 

هاڻي ٽين مهاڀاري لڙائي نه لڳندي ان ڪري ته ملڪ دوبدو نه ٿا وڙهن ۽ نه ڪي پنهنجون آفيشل فوجن لاهن ٿا، پر ان جاءِ تي اهي اهڙا گروھ لاهي انهن جي پٺڀرائي ڪندا ٿا رهن جنهن ۾ جنگ ڀلي مچي، ٺري پر اهي ملڪ آمهون سامهون نه ايندا پر اهي ملڪ انهن گروهن خاص ڪري اسلامي رياستن ۾ انهن گروهن جي پشت پناهي ڪندا ٿا رهن جيئن ”حوثي گروھ“ کي ايراني سپورٽ حاصل رهندي آئي آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.